| آءِ پي ايل کي وڏو ڌڪ: مردن بعد وومين ايڊيشن ۾ به ڏچو: مشهور رانديگرياڻيون دستبردار |
ڪينبرا (اسپورٽس نيوز) مشهور پرڏيهي رانديگرن جي آءِ پي ايل جي مردن جي ايڊيشن مان دستبردار ٿيڻ کان پوءِ عورتون به عورتن جي ايڊيشن مان دستبردار ٿي ويون. آسٽريليا جي مشهور آل رائونڊر ايليس پيري ۽ اينابيل سدرلينڊ ٽورنامينٽ مان دستبردار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ٻنهي رانديگرن جي غير موجودگي کان پوءِ متبادل رانديگرن جو اعلان ڪيو ويو آهي.ايليس پيري کي هڪ ڀيرو ٻيهر دفاعي چيمپيئن رائل چئلينجرز بنگلور جي نمائندگي ڪرڻي هئي، جڏهن ته اينابيل سدرلينڊ کي دهلي ڪيپيٽلز لاءِ کيڏڻو هو.آسٽريليا جي ليگ اسپنر الانا ڪنگ کي سدرلينڊ جي جاءِ تي شامل ڪيو ويو آهي، جنهن گذريل سيزن ۾ يوپي واريئرز لاءِ هڪ ميچ کيڏيو هو.پيري جي جاءِ تي ڀارتي آل رائونڊر سيالي ستگهري کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي، ان کان علاوه آمريڪي بالر تارا نورس پڻ بين الاقوامي وابستگين جي ڪري ٽورنامينٽ ۾ حصو نه وٺي سگهندي.سندس جاءِ تي، نوجوان آسٽريليا جي آل رائونڊر چارلي ناٽ کي ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو آهي.