آءِ پي ايل ۾ ڪارو جادو استعمال ٿيڻ جو انوکو تڪرار شروع ٿي ويو

آءِ پي ايل ۾ ڪارو جادو استعمال ٿيڻ جو انوکو تڪرار شروع ٿي ويو

ممبئي (اسپورٽس نيوز) تڪرارن ۾ گهيريل ليگ آئي پي ايل جي حوالي سان هڪ حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيو آهي. آئي پي ايل جي جاري سيزن دوران هڪ عجيب و غريب ’ڪاري جادو‘ جو تڪرار منظرِ عام تي اچي ويو آهي. هڪ ڏينهن اڳ چنائي سپر ڪنگز ۽ سن رائزرز حيدرآباد جي وچ ۾ کيڏيل ميچ جي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سن رائزرز حيدرآباد جو هڪ مداح هٿ ۾ ليمون کڻي مبينا طور تي ’جادو‘ جهڙو ڪجهه ڪندي نظر اچي رهيو آهي. سوشل ميڊيا واهپيدارن پاران ان کي ’ڪارو جادو‘ قرار ڏنو پيو وڃي. قابلِ ذڪر ڳالهه اها آهي ته ان عمل جي ترت پوءِ شيوم دوبي ڪلين بولڊ ٿي ويو، جيڪو 195 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾ ٽيم جي آخري اميد هو. آئي پي ايل جي اڳوڻي چيئرمين للت مودي ان وڊيو تي ردِ عمل ڏيندي چيو آهي ته هن ڀيري هي ’ڪاري جادو‘ واري ڳالهه جعلي  لڳي ٿي، پر ماضي ۾ هڪ ٽيم مالڪ اهڙين سرگرمين ۾ ملوث رهيو آهي.