سوشل ميڊيا تي اڪثر ماڻهو پوسٽ شيئر ڪري چون ٿا ته آءِ ڊي هيڪ ڪري غلط مواد رکيو ٿو وڃي، تنهن ڪري اڳواٽ وضاحت پيش ڪري رهيا آهيون ته اهڙي قسم جو مواد اچي وڃي ته اهو اسان ڏانهن نه سمجهيو وڃي، اهڙين پوسٽن تي دلچسپ تبصرا به ٿيندا رهيا
وضاحتي پوسٽن سان گڏ اهو به بحث هلي رهيو آهي ته ڇا واقعي فيس بوڪ، ٽوئيٽر يا ڪنهن ٻئي سوشل ميڊيا سائيٽ تي اڪائونٽ هيڪ ڪيو پيو وڃي؟ اوچتو اهو معاملو سامهون اچڻ جي اصل ماجرا ڇا آهي ؟ ان حوالي سان وڏي انگ ۾ پوسٽون شيئر ڪيون ويون آهن
عرفان علي ڄامڙو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته خبردار، هوشيار، تمام خطرناڪ سلسلو شروع ڪيو ويو آھي،الله نه ڪري جيڪڏھن ايئن ٿيو ته پوءِ توھان کي ماڻھو صفائي جو موقعو به ڪونه ڏيندا، سوشل ميڊيا تي توھان جو اڪائونٽ ھيڪ ڪري نفرت انگيز، فحش مواد، مذھب ۽ اصحاب سڳورن جي شان ۾ گستاخاڻو مواد شيئر ڪرڻ وارو ڪم هلندڙ آهي، اھڙي صورت حال ۾ جيڪڏھن منھنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان توھان کي ڪو ميسيج ڪري، نفرت انگيزي يا ڪنھن به قسم جي ڪا غير اخلاقي پوسٽ وغيره شيئر ڪري ته ان سان منھنجو ڪو به واسطو ڪونھي ۽ توھان ذاتي طور تي مون سان رابطو ڪري وضاحت وٺي سگھو ٿا
ذوالفقار ڀٽو، جمال شاهه، مير عرفان ٽالپر، رزاق علي، محمد يونس شيخ، محمد علي پٺاڻ، سعدالله ڦلپوٽو، حبيب الله جروار، سيد مجاهد حسين نقوي، مير خان کوسو به اهڙي پوسٽ شيئر ڪئي
اسحاق ساگر ڀٽي، سيف مستوئي، توصيف احمد چانڊيو، صدام بلوچ، عبدالشڪور سنجراڻي، راحب خاصخيلي، محمد جعفر بلوچ، محمد يونس شيخ به اڳواٽ وضاحت جو مواد شيئر ڪيو