“آئون به فٽبال کيڏندس”هاٿي ميدان ۾ اچي ويو، وڊيو وائرل

“آئون به فٽبال کيڏندس”هاٿي ميدان ۾ اچي ويو، وڊيو وائرل

 نئين دهلي (انٽريسٽنگ نيوز) هندستان جي رياست اڙيسا جي ضلعي ڪينونجهر ۾ هڪ غيرمعمولي ۽ دلچسپ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جنهن ۾ جنگلي هاٿي ميدان تي اچي فٽبال راند کيڏي رهيو آهي، هي منظر ان وقت ڏسڻ ۾ آيو جڏهن هڪ مقامي گرائونڊ ۾ نوجوان فٽبال کيڏڻ ۾ مصروف هئا. وڊيو موجب راند  دوران اوچتو جنگل مان هڪ هاٿي ميدان ۾ داخل ٿيو ۽ فٽبال جي ويجهو اچي بيهي ويو، حيران طور تي هاٿي نه صرف بال ۾ دلچسپي ڏيکاري پر پنهنجي ڄنگهن سان فٽبال کي ڪڪ ڪرڻ شروع ڪري ٿو. ميدان ۾ موجود نوجوان ڪجهه فاصلي تي هٽي بيهي رهيا، وائرل ٿيل وڊيو ۾ هاٿي اطمينان سان کيڏندو رهيو، رانديگرن هاٿي کي گرائونڊ مان هٽائڻ جي به ڪوشش ڪئي پرهو ڪجهه دير تائين اتي موجود رهيو ۽ فٽبال سان کيڏندو رهيو، وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي صارفين ان تي دلچسپ ۽ حيرت انگيز تبصرا  ڪيا، ڪجهه ماڻهو ان کي قدرت ۽ انسانن وچ ۾ هم آهنگي جو مثال قرار ڏئي رهيا آهن.