آئون به وزيراعظم ٿي سگهان ٿو، اسٽبلشمينٽ سان گڏ هلڻو آهي: آصف زرداري

ڊسمبر 12, 2023

لاهور(م ڊ) پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي صدر ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته وزيراعظم آئون يا بلاول ٿيندو، گهٽ ۾ گهٽ پيپلز پارٽي پنهنجو وزيراعظم ته بڻائي سگهي ٿي

اميد ته پيپلز پارٽي پارليامينٽ جي وڏي پارٽي ٿي اُڀرندي. چونڊون ڀلي اڳتي پوئتي ٿين ڪو مسئلو ناهي پر ٿيڻ ضروري گهرجن، بلاول کي سياست سيکارڻ جي ضرورت ناهي، ان جي ئي ڪري توهان آمريڪا سان ڳالهائي سگهو ٿا، خواهش آهي ته آصفه اليڪشن ۾ حصو وٺي، سڄي پنجاب ۾ اميدوار بيهارينداسين، خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي آصف زرداري چيو ته 40 سال پهرين ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ٿيو، شهيد ڀٽو جو ڪيس هلائڻ تي چيف جسٽس کي مبارڪون پيش ڪريان ٿو

اسان به ضياءَ الحق کي هٽائڻ چاهيون پيا اسان حملو نه ڪيو  بي بي شهيد به اسلام آباد مان مارچ ڪري سگهي پئي، اسان جا هزارين ڪارڪن شهيد ٿيا اسان ڪڏهن اهو نه چيو ته جي ايڇ ڪيو جو گهيراءَ ڪيون.  هڪ سوال جي جواب ۾ آصف زرداري چيو ته لاڏلي 10 ڀيرا ڪارڪنن کي جي ايڇ ڪيو وڃڻ جو چيو،ٻاهرين ملڪ رهندڙن پاڪستان کي ورغلايو اسان جو گڏيل دشمن بڻجي ويو اهو جاهل، منهنجي خيال ۾ اها ڪنهن ٻي جي سوچ هئي، مائنڊ سيٽ لاءِ ايڪٽرز هوندا آهن جيڪي بيانيو بڻائيندا آهن ڪنهن ڪٺ پتلي کي به ناهي خبر ته ان جو هينڊر ان کان ڇا ڪرائي رهيو آهي؟. آصف زرداري چيو ته جيڪو لاڏلو جيل ۾ آهي ان کي 30 سالن ۾ تيار ڪيو ويو هو اسان کي ياد آهي ان لاڏلي کي ڪنهن ڪيئن لانچ ڪيو هو. جڏهن لانچنگ ٿي رهي هئي ته پيسا وٺي رهيو هو

لاڏلي خيبرپختونخواهه ۾ افغان شهرين کي شناختي ڪارڊ ٺهرائي ڏنا. اهو لاڏلو انهي ڪري افغانين سان وڌيڪ محبت ڪري ٿو. هڪ ڪم ظرف کي ملڪ ڏنو ويو جنهن پاڪستان جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو. ان لاڏلي کي جيل ۾ ايڪسرسائز مشين مليل آهي،  جيل ۾ جڏهن هيس ته ان وقت منهنجا وڪيل هفتي ۾ هڪ ڀيرو ايندا هئا، لاڏلي کي نه هٽايون ها ته ملڪ کي کپائي ڇڏي ها، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته شهباز شريف کي نمبر پورا مون ڪري ڏنا مون ان کي وزيراعظم بڻايو. گهٽ ۾ گهٽ پيپلز پارٽي وزيراعظم ته بڻائي سگهي ٿي، وزيراعظم جو اميدوار مان به ٿي سگهان ٿو ته بلاول به، خورشيد شاهه به اميدوار آهي، اليڪشن اڄ ٿئي يا سڀاڻي پر ٿيڻ ضرور گهرجي، اليڪشن جي تاريخ اڳتي پوئتي ڪرڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. 8 فيبروري بدران اليڪشن 8 يا 10 ڏينهن اڳتي وڃڻ سان ڪو به فرق نه پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته بي بي صاحبا جڏهن حلف کنيو ته هن چيو ته مون والد جو پلاند وٺي ڇڏيو، ڇو ته جمهوريت ئي سڀ کان بهتر پلاند آهي، ذوالفقار علي ڀٽو ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿيو آهي

چيف جسٽس کي مبارڪ ڏيان ٿو. مان جيل ۾ هيس، وٺ وٺان ڪئي وئي، وڙهندو رهيس، جيڪو جمهوري حق آهي، اسان کي اسٽبلشمينٽ ۽ اسٽيڪ هولڊرز سان گڏ هلڻو آهي. هن چيو ته ٻاهر ويٺل ولاگرز چون پيا ته پي ٽي آءِ کٽيندي، انهن کي جمائما پيسا ڏئي رهي آهي. هن چيو ته مان حڪومت ۾ نه آيس ته مون جهڙا ماڻهو ته ايندا، مان شهباز شريف کي اپوزيشن ليڊر نه بڻايان ها، خورشيد شاهه کيس مارائي وڌو، منهنجي پٽ کان سائن ورتي وئي، مان ڪجهه ڪري نه سگهيس

Leave A Comment