آئون شادي لاءِ تيار آهيان، توهان رشتو آڻيو: ميرا 

آئون شادي لاءِ تيار آهيان، توهان رشتو آڻيو: ميرا 

لاهور (ڪلچرل ديسڪ) لالي ووڊ جي راڻي رهندڙ اداڪاره ميرا پنهنجي شادي بابت سوال تي دلچسپ جواب ڏئي سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو. ميرا اڄڪلهه پنهنجي فلم ”سائيڪو“ جي مشهوري ۾ مصروف آهي، هڪ رپورٽر کانئس سوال ڪيو ته هاڻ وقت اچي ويو آهي ته توهان شادي ڪريو؟ ماڻهو وڏي عرصي کان اوهان جي شادي جو انتظار ڪري رهيا آهن. جنهن تي ميرا مرڪندي جواب ڏنو ته آئون شادي لاءِ تيار آهيان پر ڪو رشتو ناهي، جيڪڏهن توهان رشتو کڻي اچو ته آئون تيار آهيان، توهان کي ئي مون لاءِ رشتو ڳولڻو پوندو، ڇو ته توهان ئي منهنجا ساهرا آهيو.