آئون پاڻ ايتري خوبصورت آهيان جو ميڪ اپ ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي پوندي: حنا آفريدي جي دعويٰ

ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) ناليواري اداڪاره حنا آفريدي دعويٰ ڪئي آهي ته آئون ڊرامن جي شوٽنگ دوران ميڪ اپ ناهيان ڪندي.هڪ بيان ۾ حنا آفريدي چيو ته آئون پاڻ ايتري خوبصورت آهيان جو ميڪ اپ ڪرڻ جي ضرورت ئي ناهي پوندي، آئون ننڍپڻ کان ئي ميڪ اپ ناهيان ڪندي. هن چيو ته ڪجهه ماڻهو اهڙا هوندا آهن، جن تي ميڪ اپ خراب لڳندو آهي. آئون  به انهن مان ئي آهيان، آئون فيشل به تمام گهٽ ڪرائيندي آهيان. هن انڪشاف ڪيو ته منهنجي ماءُ به مون کي ڪڏهن ميڪ اپ ڪرڻ نه ڏنو، مون ڪيميرا لاءِ ميڪ اپ آزمايو پر مون کي نه وڻيو، آئون رڳو ٽنٽ، لائنر ۽ مسڪارو استعمال ڪندي آهيان.