Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_pueboa09l1vh5ingm78ais2rkc, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
آئون ٿر ڄائي آھيان! ... امر رائيسنگهه راجپوت - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar آئون ٿر ڄائي آھيان! ... امر رائيسنگهه راجپوت - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • *لاهور ۾ نيب هٿان گرفتار شهباز شريف ۽ حمزه شهباز کي پرول تي آزاد، نواز ليگ اڳواڻ قافلن جي صورت ۾ ڪوٽ لکپت جيل پهچي ويا*
  • *ٽرائل ڪورٽ ۾ ٻڌڻي تي پيشي دوران جوابدار ڌُر طرفان هراسان ڪيو ويندو آهي: اُم رباب جون ميڊيا سان ڳالهيون*
  • *چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي ۾ 3 رُڪني بئنچ ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر ۽ اُم رباب پيش*
  • *آءِ جي سنڌ ميهڙ واقعي جي ڪيس ۾ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو جي گرفتاري بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏي*

آئون ٿر ڄائي آھيان! … امر رائيسنگهه راجپوت

آئون ٿر ڄائي آهيان، مون کي صديون اڳ ڀٽائي به ڳايو هو. تڏھن جڏھن مون کي عمر کڻي ويو هو. عمر ته پوءِ به ڀيڻ ڪري امر چُنڙي اوڍائي باسلامت ڇڏي ويو هو، پر آئون اڄُ ڪلهه ڏاڍي پيڙا ۾ آھيان. آئون پنهنجي پاپي پيٽ لاءِ ڪاٺيون ڪرڻ جهنگ وڃان ٿي ته مون کي جهنگ جي جانورن کان وڌيڪ مِٽيءَ جي ماڻهن کان خوف ٿئي ٿو ته متان ڪٿي منهنجو جسم ڇِتن ڪُتن وانگي کائي نه وڃن. ڪنهن سان ڀل ڀُلندي جي پيار ڪرڻ جهڙو ”پاپ“ ڪيان ٿي ته منهنجي سادگيءَ جو ناجائز فائدو وٺندي منهنجي مور ٽهوڪن جهڙي مُحبت سان ڪاري مٿي وارا اَڇا ماڻهو اِجتمائي لَڄالُٽ جهڙي لوفرپائي ڪندي ڪبيرو گُناهه ڪن ٿا. وڃان ته ڪيڏانهن وڃان؟ منهنجي مصوميت ڪڏھن مومل جي روپ ۾ کوهن جا مُنهن ڀريا آھن ته ڪڏھن سارنگهيار ۾ سڏڪي آھي. ڪڏھن ڪونئرل ۾ ڪُوڪي آھي ته ڪڏھن ڊومڪيءَ جي ڍونگ ۾ بلوچستان ۾ بڇڙي ٿي آھي. منهنجي ڏک تي ڪنهن کان اهڙي اوڇنگار به ناهي نڪتي جو ايوان جي درن جا انجيس ٽوڙي اندر دانهون بڻي داخل ٿئي. منهنجي پير ۾ جتي به ناهي سو جي ايل آئي ڪار ڪٿان آئي. منهنجي هٿن ۾ هنر ته آھي، پر پائڻ لاءِ چار چوڙيون پڻ مشڪل سان ملن ٿيون. منهنجي شڪل به ڪاڙھن ۾ ڪاري ٿي ويئي آهي. منهنجي ته عزت به غربت جي لڪير جي هيٺ اچي ويئي آھي جو ان جي لٽجڻ جو ڪنهن کي به ايترو اونو ناهي، جيترو ڪنهن هاءِ روف گاڏيءَ ۾ زيادتيءَ جو نشانو بڻيل گوري رنگ جي عورت جو هو. مون سان ناجائزي ٿئي ٿي ته مون لاءِ نه ٽوئيٽر تي ٽرينڊ هلي ٿو نه ڪو ڊي پي رکي ٿو! ڇاڪاڻ ته آئون ٿرياڻي آھيان! منهنجو رنگ ڪوئلي جهڙو ڪارو آھي! منهنجي اکين ۾ ايترا لُڙڪ آھن جو سرمو بيهي ئي نٿو. مون وٽ کائڻ لاءِ صرف کار آھن. پيئڻ لاءِ ڳوڙھا آھن. سمهڻ لاءِ واريءَ جا وڇاڻ آھن. منهنجو پيءُ پورهيت آھي. منهنجي ماءُ اڻپڙھيل گهرو عورت آھي جنهن جي هٿ ۾ صرف ٻُهاري آھي، پير ۾ جُتي به ناهي. اسان جي گهرن ۾ ڌن دولت صرف عزت هوندي آھي اُھا ئي لُٽجي وڃي ته پوءِ باقي صرف خودڪشيءَ بچندي آھي جيڪا اسان مالڪ وٽان مقدر ۾ لکائي کنئي آھي! منهنجي خودڪشيءَ تي روز سيمينار ٿين ٿا، پر جيئري ڪير به نٿو پڇي ته پيٽ ڀري کاڌو ٿئي يا نه؟ ڪاڙھن ۾ سِرون ڇو ٿي وجهين؟ پنجن سالن جي عمر ۾ ڪاٺيون پئي ڪرين، پڙھڻ ڇو نٿي وڃين؟ اين جي اوز وارا مون کان سدائين خيرات ۾ ڦوٽو وٺي ويندا آھن. منهنجي ڦوٽوئن مان ڪروڙين روپيا ڪمائي مون کي ڪڏھن ڪڏھن گوگهه ۾ هڪ اڌ راشن جو ڪَٽو سخاوت ۾ ڏيئي وڏا حاتم طائي ٿيو وتندا آھن. اين جي اوز ۾ مون کي نوڪري تي پڻ رکندا آھن، پر اُتي به ڏور ريگستان ۾ وڃي منهنجي عزت جي ڌرتي لوڏيندا آھن، تڏهن منهنجا ته پير ئي زمين تان نڪري ويندا آھن. وڃان ته ڪيڏانهن وڃان!
آئون ٿرياڻي آھيان! مون کي دڪي ۾ صرف دڙڪا مليا آھن. کير پيئڻ واري عمر ۾ مون امان جا لُڙڪ پيتا آھن. مون کي پوتڙا به پُراڻا مليا ھئا، سو نوان وڳا ڪٿان ملندا؟ مون سدائين ٻين جا اوتارڻ پراڻا ڪپڙا پائي نيون سِرون وڌيون آھن. مون پنهنجن معصوم هٿن سان هزارين سِرون وڌيون آھن، پر منهنجي گهر ۾ اهڙي سِر ناهي جنهن ۾ رسي ٻَڌي سندم ننڍڙو ڀاءُ گاڏي ڪري! گاڏيون به مون رڳو واري واريون ڏٺيون آھن. منهنجو واسطو اڪثر ٻهراڙيءَ سان آھي، شهرن ۾ صرف سرڪاري اسپتالن جا بدبودار ڪمرا ڏٺا آھن ڇاڪاڻ ته بيماريءَ جي صورت ۾ ڪڏھن ڪڏھن وڃڻ ٿيندو آھي. ميوي ۾ انب ۽ صوف جُون شڪليون ياد آھن جيڪي ننڍڙي 0.ڀاءُ جي درسي ڪتاب ۾ ڏٺيون هيون. مون سدائين ساٺيڪن تان پاڻي ڀريو آھي. کيت کيڙيا آھن. سنڱ لُڻيا آھن. ڳيچ ڳايا آھن. ولر واريا آھن. چُلها ٻاريا آھن. هي مِٽي منهنجي ٿر جي آھي. پالڻهار کان پهرين هي مِٽي منهنجو پيٽ ڀري ٿي! ڀرت ڀرڻ واري وهيءَ ۾ آئون پيٽ ڀرڻ لاءِ پانپرا ڪيان پيئي، منهنجي قسمت سان قدرت ايڏو کيڏي آھي جو رانديڪن سان کيڏڻ جيتري مون کي وقت وِٿي ئي نه ڏني. منهنجي ڪُنڍي نَڪُ ۾ رول گول جو ڪوڪو به ناهي، سون ته اسان وٽ ”سوناڻي پاڻيءَ“ لاءِ به ناهي. پاريٻي جي پيرن جهڙا منهنجا پير جُتي بدران آٿر پائي بٺ ڪاڙھي ۾ مون سان همسفر رهيا آھن. بٺن تي بٺ ڪاڙھي ۾ مِٽيءَ جا پِنوڙا ٺاهيندي ڪڏھن ڪڏھن سوچيندي آھيان ته ڪاش! هي سموري مِٽي ماني ٿي پوي ته کائي ڍؤ ڪيان، وري پنهنجي منهن کلندي به آھيان..من ئي من ۾ سوچيندي آھيان ته مٽي به ڪڏھن ماني ٿي آھي. مِٽي ماني ٿئي ها ته ڪره ارض تي ڪوبه لنگهڻ نه سمهي ها.
اسان وٽ پوکڻ لاءِ ٻنيءَ جي ٻاوڙي به ناهي، ڇاڪاڻ ته خُدا جي زمين، خُدا جي ڏاڍن بندن پنهنجي نالي ڪري ڇڏي آھي. منهنجو پيءُ پرائي ٻني پوکي ٿو. منهنجي پورهيت پيءُ جي پيرن ۾ جيترا ڪنڊا آھن ايترا ٿر ۾ روڊ ئي ناهن، پر پوءِ به هن ڪڏھن رڙ ناهي ڪئي، جڏھن به شام ٿي آھي هو اسان لاءِ مُرڪن جا رانديڪا کڻي موٽيو آھي. اميدن ۽ آٿتن جا پُلا کائي اسين خُدا جي خلقيل ستارن جي ساراھ ڪندي ان آس تي سمهي پوندا آھيون ته سڀاڻي ڪا سڻڀي ماني ملي پوندي، پر ماني آھي جيڪا اسان کان ائين ونئون وڃي ٿي جيئن تتر ڀڳونئي کان ڀڄندو آھي! مانيءَ جي ڊوڙ ۾ اسان کان تعليم، تهذيب سڀ ڪجهه پوئتي رهجي ويو. اسان جي ڪُل پُونجي حياتيءَ آھي، جنهن ۾ هاڻي کڻڻ لاءِ صرف ساھ بچيو آھي ۽ بدن تي پائڻ لاءِ ماھ بچيو آھي! اُن کي به جنسي بگهڙ پنهنجي وحشي نظرن سان نوچي رهيا آھن. وڃان ته ڪيڏانهن وڃان!

This entry was posted in Rachna. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *