“آئيس پرنسيس” فيم اداڪاره هيڊن پنيٽيئر لاڏاڻو ڪري وئي

“آئيس پرنسيس” فيم اداڪاره هيڊن پنيٽيئر لاڏاڻو ڪري وئي

ڪراچي(ڪلچرل ڊيسڪ) فلم آئيس پرنسيس ذريعي شهرت ماڻيندڙ آمريڪي اداڪاره 36سالن جي هيڊن پنيٽيئر لاڏاڻو ڪري وئي، هيڊن پنيٽيئر ۽ اداڪاره مشيل ٽريچٽن برگ  2005ع جي مشهور ڊزني فلم ’آئس پرنسيس‘ ۾ اداڪاري ڪئي هئي.اداڪاره مشيل ٽريچٽن برگ گذريل سال فيبروري ۾ 39 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو  ڪيو هو، ياد رهي ته هيڊن پنيٽيئر آمريڪي ٽي وي سيريز سان گڏ مختلف فلمن ۾ ڪم ڪري چڪي آهي.