آئيني ترميم بعدجج ورهائجي ويا آهن: چيف جسٽس سنڌ

مَي 31, 2025

سکر(رپورٽر) قائم مقام چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس جنيد غفار چيو آهي ته 26 هين آئيني ترميم کانپوءِ اسان جا جج ورهائجي ويا آهن، هاڻ ججن جي کوٽ آهي. آئيني بينچ کي به ريگيولر ڪيس ڏنا ويندا جتي ضرورت هوندي. هاءِ ڪورٽ ۾ ڪيسن جي حوالي سان حڪومت طرفان به دير ڪئي ويندي آهي. اهڙو اظهار هن سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بار پاران ڏنل آجياڻي تقريب ۾ خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته عدالتي حڪمنامن جون آن لائن ڪاپيون مهيا ڪيون پيون وڃن، هاڻ وڪيل لاگ ان ڪري ڪاپي حاصل ڪري سگهن ٿا. سولر پينل لڳائڻ سان گڏ بارز کي اي لائبريري پڻ مهيا ڪئي ويندي. حڪومت کي گهرجي ته سرڪاري کاتن سان لاڳاپيل مسئلا ڪنهن منظم نظام تحت حل ڪرائي. اهڙو نظام ٺاهيو وڃي جو معاملا کاتي جي اندر ئي حل ٿي سگهن. حڪومت کي هن معاملي تي سوچڻ گهرجي، ان سان ڪيسن جو ٽيون حصو گهٽجي ويندو. ڪڏهن ڪڏهن ججن ۽ وڪيلن جي وچ ۾ ڪا بدمغزگي به ٿي ويندي آهي. وڪيل ڪيسن جي تياري ڪري اچن ته جج وٽ ان ڪيس کي ملتوي ڪرڻ جو ڪو جواز نه رهندو.

چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس جنيد غفار وڌيڪ چيو ته جج طور اسان کي ڪاوڙ جي ضرورت ناهي، اسان جو ڪم آهي ته آئين ۽ قانون موجب جلد کان جلد فيصلو ڪريون. اسان کي فيصلن ۾ دير نه ڪرڻ گهرجي، فيصلن ۾ دير ڪرڻ مناسب ناهي. نوجوان وڪيل محنت سان بغير ڪنهن سفارش جي به بهتر مقام تي پهچي سگهن ٿا، نوجوان وڪيل ڪورٽ روم ۾ ويهي سکن. تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر وڪيل احسن ڀون چيو ته پارليمان کي آئين ۾ ترميم جو اختيار آهي. ماضي ۾ عدليه ڪجهه ڊڪٽيٽرن کي به آئين ۾ ترميم جو حق ڏنو. 26 هين آئيني ترميم کان پوءِ محنت ڪندڙ عام وڪيل به ھاءِ ڪورٽ جو جج بڻجي سگهي ٿو. هميشه ترميم حڪومت وقت پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪندي آهي. اسان سڀني کي هڪ ڏينھن وڃڻو آهي. اسان کي اهو ڏسڻو آهي ته نظام سٺي طرح هلي رهيو آهي. سينيئر وڪيل احسن ڀون وڌيڪ چيو ته هڪ وقت هيٺ سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ هڪ شخص جي اشاري تي هلندا هئا. اسان کي آئين ۽ قانون جي بالادستي جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي. هن ملڪ ۽ نظام کي رهڻو آهي. مقامي جو رستو اختيار ڪيو وڃي وائلينس جو رستو اختيار نه ڪيو وڃي. جائز حقن جي ڳالهه ڪرڻ گهرجي پر ٻئي جو نقطه نظر به ٻڌڻ گهرجي.

تقريب کي خطاب ڪندي سينيئر جسٽس ذوالفقار احمد خان چيو ته پهرين ڏينهن کان اسان جو فوڪس آئين ۽ قانون جي بالادستي هئي. اسان بنا ڪنهن فرق، خوف ۽ خطري جي انصاف جي فراهمي ڪئي آهي. خوشي آهي ته اسان ڪڻڪ جي بارداني جي فراهمي ۽ معذور کي ڪوٽه جي ڪيسن تي عمل ڪرايو. 26 هين آئيني ترميم کان پوءِ سکر بينچ آئيني بينچ جي تشڪيل خوش اسلوبي سان عمل درآمد ڪيو ويو. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار سکر پاران هڪ سال مڪمل ڪندڙ ججز جي لاءِ آجياڻي جو انتظام ڪيو ويو. تقريب ۾ چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ جسٽس جنيد غفار، سينيئر جسٽس ظفر احمد راجپوت شرڪت ڪئي. جڏهن ته سينيئر ججز، سيشن ڪورٽ جي ججز، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل ۽  سينيئر وڪيل شرڪت ڪئي. تقريب ۾ سکر ۽ لاڙڪاڻو ڊويزن، ضلعي، تعلقه بار ڪي صدر، عهديدارن ۽ ميمبرن به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ جسٽس ذوالفقار احمد خان ۽ جسٽس خادم حسين تنيو جو هڪ سال روسٽر مڪمل ڪرڻ تي تقريب منعقد ڪئي وئي. سکر ھاء ڪورٽ بار سکر جي صدر قربان ملاڻو، جنرل سيڪريٽري آچر گبول مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ ۽ ٽوپي جا تحفا ڏنا ويا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • خيرپورناٿن ۾گوليون هڻي اڌڙوٽ قتل

  • سکر ۾ نوجوان ناري گوليون هڻي قتل

  • تل ابيب ۾ آمريڪي سفارتخانو بند

  • پاڪستان جو فلائيٽ آپريشن کي متاثر