| آئيني عدالت جو پهريون فيصلو: ڪراچي جي پارڪن کي راندين لاءِ استعمال ڪرڻ تي اسٽي آرڊر جاري |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت پهريون فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. ڪراچي عوامي پارڪن کي راندين ۽ واپاري سرگرمين لاءِ استعمال ڪرڻ وارو معاملو. آئيني عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪندي ڪيس کي عوامي معاملو قرار ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي. جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽن رڪني آئيني عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. وڪيل ڪي ايم سي ٻڌايو ته هي معاملو اداري جي قانوني اختيارن بابت آهي ۽ عوامي پارڪن کي راندين لاءِ استعمال ڪرڻ جي منظوري باقاعده قرارداد ذريعي ڏني وئي هئي، عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ڪي ايم سي کي ائين ڪرڻ جو اختيار ئي ناهي، جڏهن ته اسان ان فيصلي خلاف اپيل اڳ ئي داخل ڪري چڪا آهيون. عدالت چيو ته هي مفاد عامه جو ڪيس آهي ۽ فوري طور تي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي اسٽي آرڊر جاري ڪري ڇڏيو. درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪي ايم سي خلاف توهين عدالت جون درخواستون به داخل آهن، جنهن تي آئيني عدالت هدايت ڪئي ته هاءِ ڪورٽ توهين عدالت جي ڪارروائي اڳتي نه وڌائي. رڪارڊ موجب ڪي ايم سي 26 آگسٽ 2025ع جي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪيو هو، جنهن ۾ 9 پارڪن کي ڪمرشل راندين جي استعمال ڪرڻ جو فيصلو چئلينج ڪيو ويو هو، هاءِ ڪورٽ ڪي ايم سي جو قدم ڪالعدم قرار ڏنو هو، جنهن کي هاڻي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو آهي. ڪي ايم سي اپيل ۾ موقف ورتو آهي ته هاءِ ڪورٽ نه ته پاڻمرادو نوٽيس وٺي سگهي ٿي ۽ نه ئي بنا ٻڌڻي فيصلو ڏئي سگهي ٿي، جيڪو آرٽيڪل 10-A جي خلاف ورزي آهي، عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.