آئيني عدالت رد، عدليه ۽ عوام دشمن ترميمون سازش آهن: عامر وڙائچ

آئيني عدالت رد، عدليه ۽ عوام دشمن ترميمون سازش آهن: عامر وڙائچ

سجاول (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي انتخابي مهم جي سلسلي ۾ سجاول بار ايسوسيئيشن ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي. جنهن ۾ ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ ۽ وڪيل اڳواڻن حسيب جمالي، شهاب سرڪي، غلام رسول سوهو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. سجاول بار ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪراچي بار ايسوسيئيشن جي صدر عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته عدليه ۽ عوام دشمن آئيني ترميمون ملڪ جي آئيني ڍانچي خلاف هڪ سازش آهن، جيستائين اهي سڀ ترميمون واپس نه ورتيون وينديون، وڪيل برادري پنهنجي جدوجهد جاري رکندي. هن چيو ته امڪاني ترميمن نه رڳو صوبن جي آئيني اختيارن کي متاثر ڪيو آهي پر عام شهرين جي بنيادي حقن ۾ به مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. سجاول بار ۾ خطاب دوران عامر نواز وڙائچ واضح ڪيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪرڻ جي رٿا تيزي سان هلي رهي آهي، جنهن خلاف جلد باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کنيا ويندا.  هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي قدرتي وسيلن تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو ۽ ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي کي هرگز قبول نه ڪيو ويندو، ڇو ته اهو نه صرف سنڌ جي سڃاڻپ آهي پر ماحولياتي توازن لاءِ به انتهائي اهميت رکي ٿو. ڪراچي بار جي صدر امڪاني نئين وفاقي آئيني عدالت کي به مڪمل طور رد ڪندي چيو ته اها عدالت ڪو عدالتي فورم نه پر وسيلن تي قبضو ڪرڻ کي آئيني جواز فراهم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. هن چيو ته 28هين آئيني ترميم کان پوءِ نون صوبن جي تياريون تيز ٿيوينديون پر وڪيل اتحاد اهڙي هر سازش کي ناڪام بڻائيندو،