آئيني عدالت ٺاهڻ جون تياريون تيز: شرعي عدالت ٻئي هنڌ منتقل

آئيني عدالت ٺاهڻ جون تياريون تيز: شرعي عدالت ٻئي هنڌ منتقل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) 27هين آئيني ترميم کان پوءِ آئيني عدالت جي امڪاني قيام ۽ ان جي جڳهه بابت اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب آئين ۾ امڪاني ترميم کان پوءِ قائم ٿيندڙ آئيني عدالت کي وفاقي شرعي عدالت واري جڳهه تي منتقل ڪرڻ جي تجويز سامهون آئي آهي. ان سلسلي ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽئين منزل کي خالي ڪرائڻ وارو سلسلو جاري آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽئين منزل تي وفاقي شرعي عدالت جي منتقلي جو امڪان آهي ۽ اُتي موجود سامان کي ٻي جڳهه تي منتقل ڪرڻ جو عمل پڻ شروع ڪيو ويو آهي.