آئيني عدالت ٺهندي: آرمي چيف ٽنهي فوجن جو سربراهه هوندو:  فيلڊ مارشل تاحيات يونيفارم ۾ رهندو، صدر کي سڄي عمر ۽ وزيراعظم کي مدي دوران فوجداري ڪارروائي کان ڇوٽ

  آئيني عدالت ٺهندي: آرمي چيف ٽنهي فوجن جو سربراهه هوندو:  فيلڊ مارشل تاحيات يونيفارم ۾ رهندو، صدر کي سڄي عمر ۽ وزيراعظم کي مدي دوران فوجداري ڪارروائي کان ڇوٽ

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) فوجي ۽ عدالتي ڍانچي ۾ وڏيون تبديليون، سپريم ڪورٽ جا پاڻمرادو نوٽيس ۽ آئيني اختيار ختم، آئيني عدالت ٺهندي، چيئرمين جوائنٽ چيفس جو عهدو ختم، چيف آف ڊفينس فورسز جو عهدو متعارف، چيف آف ڊفينس فورسز آرمي چيف هوندو، فيلڊ مارشل تاحيات هوندو، صدر کي سڄي عمر، وزيراعظم ۽ گورنرز کي مدي دوران عدالتي ڪارروائي کان ڇوٽ جون تجويزون، وفاقي ڪابينا 27هين آئيني ترميم جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن بعد ترميم سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي، اتان کان معاملو ڪاميٽي ڏانهن اماڻيو ويو. تفصيل موجب وفاقي آئيني عدالت جو قيام ۽ چيف آف ڊفينس فورسز جو عهدو آرمي چيف کي ڏيڻ جي تجويز،48 شقن ۽ 25 صفحن تي ٻڌل 27 هين آئيني ترميم جو مسودو سامهون اچي ويو آهي، مسودي موجب سپريم ڪورٽ کان آئيني اختيار واپس وٺي وفاقي آئيني عدالت جي حوالي ڪيا ويندا،27 آئيني ترميم ۾آئين جي آرٽيڪل 42 ۽ 59 ۾ ترميم، آئين جي آرٽيڪل 63 اي جي ڪلاز 5 ۾ لفظ سپريم کي فيڊرل ڪانسٽيٽيوشنل ۾ تبديل ڪيو ويندو، وفاقي آئيني عدالت آئين جي تشريح  ۽ آئيني تڪرارن جا فيصلا ڪندي، سپريم ڪورٽ کان آئيني اختيار واپس وٺي وفاقي آئيني عدالت کي ڏنا ويندا، آرٽيڪل 184 ختم ڪيو  ويندو، پاڻمرادو نوٽيس جو اختيار به ختم هوندو،آئيني ڪيس سپريم ڪورٽ نه وفاقي آئيني عدالت ٻڌندي، سپريم ڪورٽ اپيلن ۽ عمومي ڪيسز جي عدالت رهندي، وفاقي آئيني عدالت ۾ چيف جسٽس ۽ چئني صوبن مان برابر نمائندگي هوندي، وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس جو مدو 3 سال مقرر هوندو، چيف جسٽس آف پاڪستان جي حيثيت محدود ٿي ويندي، آئيني عدالت جا فيصلا  ملڪ جي مڙني عدالتن تي لازم هوندا،ججز جي رٽائرمينٽ جي عمر 68سال مقرر ڪئي ويندي، ججز جي مقرري جو طريقيڪار به تبديل ڪيو ويندو، صدرکي هڪ هاءِ ڪورٽ جي جج کي ٻئي هاءِ ڪورٽ ۾ بدلي ڪرڻ جو اختيار هوندو. جيڪڏهن ڪو جج بدلي مڃڻ کان انڪار ڪندو ته اهو رٽائرڊ ٿي ويندو، جوڊيشل ڪميشن ۾ وفاقي آئيني عدالت ۽ سپريم ڪورٽ ٻنهي جا چيف جسٽس شامل هوندا، مقرري ۾ وزيراعظم ۽ صدر جو ڪردار حاصل هوندو، پارليامينٽ کي آئيني عدالت جي ججز جو انگ طئي ڪرڻ جو اختيار ملندو. اهڙي ريت 27 هين آئيني ترميم جي مسودي ۾فوجي ڍانچي ۾ وڏي تبديلي تجويز ڪئي وئي آهي، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪاميٽي جو عهدو 27 نومبر 2025ع تي ختم ٿي ويندو، ان جي جاءِ تي آرمي چيف کي چيف آف ڊفينس فورسز  جو عهدو ڏيڻ جي تجويز شامل آهي، آئيني ترميم تحت فيلڊ مارشل، مارشل آف ايئر فورس ۽ ايڊمرل آف فليٽ ٽائٽل متعارف ڪرڻ جي به تجويز آهي، اهي آفيسر قومي هيروز هوندا، صدر وانگر عدالتي ڪارروائين کان آجا هوندا، اهو ٽائيٽل ڏيڻ جو اختيار پارليامينٽ نه پر وزيراعظم جو هوندو، ان حوالي سان وزير قانون اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته فيلڊ مارشل جو عهدو تاحيات هوندو، ڪوئي فرد واحد فيلڊ مارشل جو ٽائٽل واپس نه وٺي سگهندو، ٽائٽل واپس وٺڻ جو اختيار صرف پارليامينٽ وٽ هوندو، ٻئي ايوان ووٽنگ سان ايئن ڪري سگهندا، جيئن صدر جي مواخذري جو طريقيڪار آهي، عهدي کي آئيني تحفظ ڏئي رهيا آهيون، آرمي چيف، چيف آف ڊفينس فورس هوندو، فيلڊ مارشل تاحيات هوندو، تاحيات يونيفارم ۾ هوندو، مارشل آف ايئر فورس ۽ مارشل آف نيول جا ٽائيٽل متعارف ڪرڻ جي به تجويز آهي، اهو ٽائيٽل ڏيڻ جو اختيار پارليامينٽ نه پر وزيراعظم جو هوندو، هن چيو ته 27هين آئيني ترميم ۾آئيني عدالت جي قيام سوڌو 48 شقن ۾ ترميم آندي آهي، ججن جي بدلي جو معاملو جوڊيشل ڪميشن تي ڇڏيو آهي ته ججز کي گهرائي بدلي جو فيصلو ڪري. هوڏانهن وفاقي ڪابينا 27  هين آئيني ترميم جي منظوري ڏئي ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت  هيٺ وفاقي ڪابينا  جو اهم اجلاس ٿيو،  وزير قانون اعظم نذير تارڙ طرفان 27 هين آئيني ترميم تي ڪابينا کي بريفنگ ڏني، وزيراعظم  شهباز شريف آذربائيجان  جي شهر باڪو  مان وڊيو لنڪ ذريعي وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪئي، 27هين آئيني ترميم ڪابينا مان منظوري ۽ سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي، جتان کان گڏيل پارلياماني ڪاميٽي ۾ پيش ڪئي وئي، قانون ۽ انصاف واري ڪاميٽي ۾ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن ترميم تي بحث ڪيو، ڪالهه بل تي ووٽنگ نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اڄ شق وار ووٽنگ جو امڪان آهي، جي يو آءِ ڪاميٽي جو بائڪاٽ ڪيو، ڪاميٽي ۾ صدر بعد وزيراعظم کي به فوجداري ڪيسن ۾ ڇوٽ جي ترميم پيش ڪئي وئي، حڪومتي ميمبر سينيٽر انوشه رحمان ۽ سينيٽر ظاهر خليل اهڙي ترميم پيش ڪئي، ترميم تحت آرٽيڪل 248 ۾ صدر سان گڏ لفظ وزيراعظم به ڪيو ويندو، ترميم جي منظوري جي صورت ۾ وزيراعظم خلاف فوجداري ڪيسن ۾ ڪارروائي نه ٿي سگهندي، ترميم تحت صدر کي تاحيات گرفتار نه ڪري سگهبو، اهڙي ريت صدر سان گڏ هاڻي لفظ وزيراعظم به شامل ڪيو ويندو، گورنرز کي عهدي دوران گرفتار نه ڪري سگهبو.