آئيني عدالت پاران وڪيلن ۽ سائلين لاءِ ايس ايم ايس نوٽيفڪيشن سروس متعارف

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت سائلين ۽ وڪيلن لاءِ ايس ايم ايس نوٽيفڪيشن سروس متعارف ڪرايو ويو۔ عدالت طرفان جاري ڪيل پڌرائي مطابق هاڻي ڪيسن جي داخلا ۽ ٻڌڻي جي تاريخ بابت آگاهي ايس ايم ايس ذريعي ڏني ويندي۔ عدالتي ڪاررواين متعلق معلومات بروقت موبائل فون تي دستياب هوندي۔