آئيني عدالت پاران ڪچي آبادين بابت ضابطا ٺاهڻ لاءِ آخري مهلت

آئيني عدالت پاران ڪچي آبادين بابت ضابطا ٺاهڻ لاءِ آخري مهلت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت سي ڊي اي کي ڪچي آبادي ريگيوليشنز ٺاهڻ لاءِ آخري موقعو ڏئي ڇڏيو۔ عدالت قرار ڏنو ته ڪچي آبادين بابت ضابطا جلد کان جلد تيار ڪري پيش ڪيا وڃن۔ چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي۔ چيف جسٽس پڇيو ته اڃا تائين ڪچي آبادين جا ريگيوليشنز ڇو ناهي ٺهي سگهي، ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته چيئرمين سي ڊي اي جي تبديلي سبب دير ٿي، پر ريگيوليشنز جو مسودو تيار آهي ۽ ايندڙ بورڊ اجلاس ۾ منظوري ڏني ويندي. درخواستگذارن جي وڪيل فيصل صديقي موقف اختيار ڪيو ته ماڻهن کي رات جي اونداهي ۾ بي دخل نٿو ڪري سگهجي، هي اسلام آباد آهي غزه نه، هن ڪيس کي انساني همدردي جي بنياد تي ڏٺو وڃي، ۽ متبادل جڳهه ڏيڻ کانسواءِ ڪنهن کي بي گهر ڪرڻ غير قانوني ۽ غير انساني عمل آهي۔ چيف جسٽس پڇيو ته ڇا اسلام آباد ۾ ڪچي آبادين لاءِ ڪا مخصوص جاءِ مقرر آهي. ان تي ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته سي ڊي اي جي ماسٽر پلان ۾ ڪچي آبادين جو باقاعده وجود ناهي، پر انساني بنيادن تي 1995 تائين قائم ڪچي آبادين کي تسليم ڪيو ويو هو۔ سي ڊي اي جي وڪيل قاسم چوهاڻ موقف اختيار ڪيو ته ڪچي آبادين جي نالي تي زمينن جو غلط استعمال ٿي رهيو آهي، ڪجهه هنڌن تي مافيا قابض آهي جيڪي زمينون وڪرو ڪري رهيا آهن۔ متبادل جڳهه ڏيڻ باوجود ڪجهه ماڻهو پراڻي جاءِ خالي نٿا ڪن، جنهن سبب مسئلا پيدا ٿين ٿا۔ عدالت سي ڊي اي کي ضابطا ٺاهڻ لاءِ مهلت ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.