آئيني عدالت کي سياسي آکيڙو نه بڻايو وڃي: جسٽس حسن رضوي

آئيني عدالت کي سياسي آکيڙو نه بڻايو وڃي: جسٽس حسن رضوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت ۾ يوٽيليٽي اسٽور جي برطرف سيلز مين مزمل رفيق جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي. جسٽس حسن اظهار رضوي درخواستگذار کي تياري لاءِ مهلت ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته وفاقي آئيني عدالت کي سياسي آکيڙو نه بڻايو وڃي۔ وفاقي آئيني عدالت ۾ يوٽيليٽي ڪارپوريشن جي برطرف سيلز مين مزمل رفيق جي درخواست تي ٻڌڻي دوران عدالت کيس تياري لاءِ مهلت ڏيندي واضع ڪيو ته وفاقي آئيني عدالت کي سياسي آکيڙو نه بڻايو وڃي. جسٽس حسن رضوي پڇيو ته درخواستگذار لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪيل انٽرا ڪورٽ اپيل ڇو واپس ورتي، جنهن تي مزمل رفيق جواب ڏنو ته کيس عدالت اهڙو مشورو ڏنو هو۔ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته 12 هزار ملازم فارغ ڪيا ويا آهن، جنهن تي عدالت هدايت ڪئي ته هو رڳو پنهنجي ڪيس تائين محدود رهي ۽ وضاحت ڏي ته هو سڌو وفاقي آئيني عدالت ۾ درخواست ڪيئن ڏئي سگهي ٿو۔ عدالت درخواستگذار کي صلاح ڏني ته ڪنهن وڪيل کان رهنمائي وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي 27هين آئيني ترميم پڙهي اچي۔ يوٽيليٽي اسٽورز ۾ مبينا خردبرد، ڪروڙن ۽ اربن جي نقصان ۽ انتظامي بي ضابطيون سامهون آڻيندي جسٽس حسن رضوي سخت ريمارڪس ڏنا ته اهي حڪومت جا ڪرڻ وارا ڪم ناهن ۽ عوام کي فائدو ڏيڻ جي بدران اسٽاف ئي فائدو وٺندو رهيو۔ جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي غيرمعينه مدت تائين ملتوي ڪري ڇڏي وئي.