آئيني ۽ ريگيولر بئنچز جي اختيارن جو تڪرار، اڄ اهم ڏينهن: هڪ طرف ٻڌڻي: ٻئي پاسي فيصلو
جنوري 27, 2025
اسلام آباد (م ڊ) ايڊيشنل رجسٽرار خلاف توهين عدالت نوٽيس تي ڪارروائي ٿيندي يا ججز ڪاميٽي جو جوڊيشل آرڊر ختم ڪرڻ جي معاملي تي فل ڪورٽ بڻجندي ؟ سپريم ڪورٽ ڪورٽ ۾ ٻن هفتن کان ريگيولر ۽ آئيني بئنچز جي اختيارن تي ججز وچ ۾ اختلاف سامهون اچن پيا، ان تڪرار ۾ اڄ جو ڏينهن اهم هوندو، هڪ طرف 6 رڪني لارجر بئنچ ايڊيشنل رجسٽرار نظر عباس جي انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪندي، ٻئي طرف جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ انهي توهين عدالت ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌائيندي، ٻه هفتا اڳ ڪسٽم ايڪٽ جي هڪ ڪيس ۾ ريگيولر بئنچ جي دائري اختيار کي چئلينج ڪيو ويو هو، جنهن بعد جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ريگيولر ۽ آئيني بئنچ جي دائري اختيار تي اهم ٻڌڻي ڪئي هئي، ان ڪيس ۾ جتي جسٽس منصور شاهه اهو سوال اٿاريو هو ته ڇا ججز ڪاميٽي سپريم ڪورٽ جي جوڊيشل آرڊر کي انڊو يا ختم ڪري سگهي ٿي، اتي جوڊيشل آرڊر تي عمل نه ڪرڻ تي ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ کي توهين عدالت جو نوٽيس به جاري ڪيو هو، ٻڌڻي دوران جسٽس منصور اهي رمارڪس ڏنا هئا ته جوڊيشل آرڊر کي ختم ڪري ججز ڪاميٽي توهين عدالت ڪئي آهي، جنهن تي ججز ڪاميٽي کي نوٽيس ڏئي سگهون ٿا پر اسان ايئن نه ڪنداسين، جسٽس منصور خميس تي اهو فيصلو محفوظ ڪيو هو، جيڪو اڄ ٻڌايو ويندو، ٻئي طرف توهين عدالت جي نوٽيس کي انٽراڪورٽ اپيل ۾ چئلينج ڪيو هو، جنهن تي ٻڌڻي لاءِ ججز ڪاميٽي جمعي ڏينهن جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بئنچ جوڙي هئي،. جنهن بعد جسٽس جمال مندوخيل ۽ جسٽس محمد علي مظهر تي جسٽس منصور علي شاهه اعتراض اٿاريندي ان کي مفادن جو ٽڪراءُ قرار ڏنو هو، اڄ منجهد هڪ وڳي جسٽس مندوخيل جي سربراهي ۾ 6 رڪني بئنچ ايڊيشنل رجسٽرار جي انٽراڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي ڪندي، ايڊيشنل رجسٽرار درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو هو ته مون کي ان معاملي ۾ قرباني جو ٻڪرو بڻايو ويو آهي، شوڪاز نوٽيس کان اڳ وضاحت جو موقعو نه ڏنو ويو، اهو سپريم ڪورٽ جي رولز، نيچرل جسٽس جي اصولن جي ڀڃڪڙي آهي، هڪ طرف مون کي شوڪاز جاري ڪيو ويو آهي ته ٻئي طرف وري پريس رليز جاري ڪري مون کي او ايس ڊي بڻايو ويو آهي، اهو چيو ويو آهي ته منهنجي غلطي سان ڪيس ريگيولر بئنچ ۾ فڪس ٿيو آهي، انٽراڪورٽ اپيل ۾ ايڊيشنل رجسٽرار شوڪاز ۽ رجسٽرار آفيس جو آرڊر واپس وٺڻ جي استدعا ڪئي آهي