آئين بورچيخانو بڻايو ويو، جيڪو پچائڻو آهي، پچي پيو: قادر مگسي

  آئين بورچيخانو بڻايو ويو، جيڪو پچائڻو آهي، پچي پيو: قادر مگسي

ٽنڊو الهيار (رپورٽر) ٽنڊوالهيار ۾ شھيد الطاف جسڪاڻي جي پنجين ورسي نصرپور روڊ ايس ٽي پي هائوس آڏو ملهائي وئي ورسي تقريب ۾ ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي سميت سنڌ جي مختلف علائقن کان سوين ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي ورسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته الطاف جسڪاڻي جي شھادت کي پنج سال گذري ويا آھن قاتل جيل ۾ زندھ آھن عدالتن کان گھر ٿو ڪريان ته شھيد الطاف جسڪاڻي جي قاتلن کي ڦاهي تي لٽڪايو وڃي الطاف جسڪاڻي کي دوکي سان شھيد ڪيو ويو بھادر پٽ وطن خاطر شھادت ڏيندا آھن انھن جي ڦڙي ڦڙي جو حساب ٿيندو ، هن چيو ته اسان ڪئنالن خلاف تحريڪ ھلائي ڪئنال دفن ٿي ويا سنڌو دريا تارو تار وھي پيو سنڌو دريا اسان بچايو آئين کي بورچي خانو ٺاھيو ويو آھي پنھنجي مرضي سان جيڪو بچائڻو آھي پچي پيو ترميمون صرف ھڪ شخص ۽ حڪمرانن جي مفاد ۾ ٿي رھيون آھن هن وڌيڪ چيو ته تاريخ شايد آھي ته ترقي پسند جي سياست ڌرتي سان جڙيل آھي اسان سنڌ جي انچ انچ جي حفاظت ڪئي آھي اسان ٻيٽن جي چوڪيداري ڪئي آھي سنڌ جي وحدت تي ڪا به سودي بازي نه ڪبي ايس ٽي پي غلام ھارين کي آزادي ڏياري ۽ جاگيرداري سسٽم جو خاتمو آندو