| آئين بچائڻ ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي آهي: اچڪزئي |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود اچڪزئي لاهور روانگي کان اڳ اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته هو نه ڪنهن کي شڪست ڏيڻ، نه گاريون ڏيڻ ۽ نه ئي پٿر هڻڻ نڪتا آهن، پر آئين بچائڻ ۽ ظلم جي خاتمي لاءِ جدوجهد شروع ڪئي آهي. محمود خان اچڪزئي چيو ته جيڪي ماڻهو پاڪستان ۾ آئين جي بالادستي ۽ امن چاهين ٿا، اهي اسان سان گڏ هلن. ملڪ اسان جي پنهنجي غلطين سبب ناڪامين ڏانهن وڃي رهيو آهي، پاڙيسري ملڪن سان به تعلق خراب ٿي رهيا آهن. حڪومت پاڻ ڄاڻي ٿي ته هو هارائي چڪي آهي. تحريڪ تحفظ آئين جي سربراهه مطابق 8 فيبروري جي ڪال ڏني وئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ تحريڪ جو باقاعده آغاز ٿي چڪو آهي. هن چيو ته هو لاهور وڃي رهيا آهن ۽ ڪيترائي ايم پي ايز به ساڻن گڏ سفر ڪري رهيا آهن.