گڏيل پارلياماني ڪميٽي مجوزهہ آئيني ترميم جو مسودو منظور ڪري ورتو آهي. ڪميٽيءَ شق وار 49 ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اڄ ستاويهين آئيني ترميم جو مسودو ايوان ۾ پيش ڪيو ويندو. پ پ صدر مملڪت لاءِ تاحيات استثني` ۽ نيب جي خاتمي جا مطالبا ڪري ڇڏيا آھن. اتحادي پارٽين جي تجويز ڪيل ترميمن تي اڄ ويچار ڪرڻ جو امڪان آهي. ٻئي طرف اپوزيشن اتحاد ستاويهين ترميم خلاف تحريڪ هلائڻ ۽ پارليامينٽ کي ھلڻ نه ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
حڪومت 27هين ترميم لاءِ بل سينيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ فوجي قيادت جي مقرري، سپريم ڪورٽ جي اختيارن ۽ هڪ نئين وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻ سميت ڪيتريون ئي تجويزون شامل آهن۔ توڙي جو ھيستائين بل جي مسودي کي عوامي سڌ لاء پڌرو ڪرڻ بدران قومي راز سمجھي لڪايو پيو وڃي پر ھيستائين جيڪا ڄاڻ رپورٽ ٿي آهي، ان موجب، جوائنٽ چيپس آف اسٽاف ڪميٽي جو عهدو هن سال ھلندڙ مھيني جي 27 تاريخ تي ختم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي۔ ان جي جاءِ تي ڪمانڊر، نيشنل اسٽريٽجڪ ڪمانڊ جو نئون عهدو جوڙڻ جي تجويز ڏني وئي آهي، جنهن جي مقرري وزيراعظم طرفان، چيـف آف ڊفينس فورسز يا آرمي چيـف جي سفارش تي ڪئي ويندي۔ ان کان اڳ صدر مملڪت فوج جو سپريم ڪمانڊر آھي. حڪومت کي اهو اختيار هوندو ته اھا آفيسرن کي فِيلڊ مارشل، مارشل آف دي ايئر فورس، يا ايڊمرل آف دي فليٽ جي عهدن تي ترقي ڏئي سگهي۔ اهي آفيسر سڄي عمر لاءِ پنهنجا عهدن، مراعات ۽ وردي برقرار رکندا، ۽ صرف آرٽيڪل 47 جي طريقيڪار تحت هٽايا ويندا، جيڪو صدر جي مواخذي لاءِ استعمال ٿيندو آهي۔ انهن کي آرٽيڪل 248 تحت صدر جهڙو قانوني استثنىٰ پڻ حاصل هوندو، جنهن تحت انهن خلاف ڪابه قانوني ڪارروائي نه ٿي سگهندي۔
مجوزہ ترميمي بل ۾ الڳ وفاقي آئيني عدالت قائم ڪرڻ جي تجويز آهي، جيڪا آئيني تڪرارن، وفاق ۽ صوبن جي اختلافن، بنيادي حقن ۽ آئين جي تشريح سان لاڳاپيل ڪيس ٻڌندي۔ هن تجويز ڪيل ترميم کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي اختيارن ۾ سڀ کان وڏي تبديلي آرٽيڪل 184 جي منسوخي آهي، جنهن سان سپريم ڪورٽ جو ازخود نوٽيس وٺڻ جو حق ختم ٿي ويندو۔ اهو اختيار وفاقي آئيني عدالت کي ڏنو ويندو، جيڪا بنيادي حقن يا آئيني نوعيت جي ڪيسن تي پاڻمرادو ڪارروائي ڪري سگهندي۔ 27هين آئينِي ترميم ۾ جتي ٻيا ڪيترائي اهم قانوني ۽ آئينِي نڪتا شامل ڪيا ويا آهن، اُتي هڪ تجويز اها به آهي ته تعليم کي ٻيهر صوبن کان وٺي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي.
ارڙھين آئينِي ترميم ذريعي تعليم وفاق کان صوبن ڏانهن منتقل ڪئي وئي هئي. ھاڻي تعليم کي وفاق ڏانهن واپس ڪرڻ جو مقصد تعليمي معيار بهتر ڪرڻ، استادن جي تربيت يا اسڪولن جي انتظام کي بهتر بنائڻ نه آهي، پر حقيقت ۾ اهو پروگرام نصاب کي مخصوص مقصدن ۽ نظرين جي تابع ڪرڻ لاءِ آهي. وفاق وٽ سڄي ملڪ لاءِ “ھڪجھڙو نصابِ تعليم” جو منصوبو آهي. دراصل رياست کي خوف آهي ته جيڪڏهن مقامي ٻولين ۽ ثقافتي ورثي کي نصاب ۾ جاءِ ڏني وئي ته “واحد قومي فڪر” جنهن تي رياست جو سڄو بيانيو بيٺل آهي، اهو ڪمزور ٿي ويندو. پاڪستان جي حڪمران طبقي کي فڪري ۽ ثقافتي تنوع کان ڊپ آهي. پاڪستان مختلف صوبن ۽ علائقن تي ٻڌل ملڪ آهي، جتي رهندڙ ماڻهن جون پنهنجيون صديون پراڻيون ثقافتون، ٻوليون ۽ روايتون آهن، پر اسان جي رياست اهو تنوع مڃڻ لاءِ تيار ناهي ۽ هڪ جهڙي مذهبي، ثقافتي ۽ لساني سڃاڻپ زبردستي مڙهڻ چاهي ٿي.
اسان اھو ٿا چئون ته آئين جو جمھوري روح قبض ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. حڪومتي اتحاد ۾ جمھوريت جون دعويدار سياسي ڌريون شامل آهن، انھن کي جمھوري اصولن جي پاسداري ڪرڻ گھرجي. جمھوريت ڪنھن ھائبرڊ نظام جو نالو نہ آھي.