| آئين جي حڪمراني، ادارا حدن ۾ رهن، سڀ پارٽيون متفق ٿي ميثاق آئين ڪن، عمران کان صحيح آئون وٺي ايندس: اچڪزئي جي آڇ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اپوزيشن اتحاد جي سربراهه محمود خان اچڪزئي سياسي جماعتن کي آڇ ڪندي چيو آهي ته آئين جي حڪمراني، ادارا حدن ۾ رهن، سڀ پارٽيون متفق ٿي ميثاق آئين ڪن، عمران کان صحيح آئون وٺي ايندس. اڊيالا جيل ٻاهران باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي محمود اچڪزئي چيو ته ملڪ ۾ غلط فهمي ڦهلائي وئي آهي ته هڪ شخص باغي آهي، انکي ٽوڙڻو آهي، ڏاڍ جي بنياد تي حڪومت ورتي وئي، ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي انهن کي حراسان ڪيو ويو، اسان ظلم خلاف بيٺا آهيون. هن چيو ته حڪومت ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي، ٻارن ۽ عورتن کي به بخش نه پيو ڪيو وڃي، پي ٽي آءِ باني جي ڀينرن تي وحشياڻو تشدد ڪيو ويو، آئين ۾ ترميمون ڪري ملڪ کي تباهه ڪيو پيو وڃي ، اپوزيشن اتحاد جي سربراهه چيو ته اسان جو ڪنهن جنرل، شريف يا زرداري سان ڪوبه اختلاف ناهي، ملڪ هلائڻو آهي ته هڪ سٺو سماجي معاهدو ڪيو وڃي، باني پي ٽي آءِ ڪنهنجي خلاف به ڪارروائي نه ڪندو، ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان. هن ڇيو ته سمورين سياسي جماعتن کي متحد ٿي هن بحران جو خاتمو ڪرڻو پوندو، مخالفن خلاف سياسي انتقام ۽ انتقامي ڪارروايون بند ڪري 5 نڪاتي ميثاق آئين تي متفق ٿي صحيحون ڪيون وڃن. ان موقعي تي علامه ناصر عباس چيو ته باني پي ٽي آءِ جي ڀينرن سان اظهار يڪجهتي لاءِ آيا آهيون، اڊيالا جيل ٻاهران جيڪو ڪجهه ٿيو اهو غيرانساني عمل هو، ڀرپور مذمت ڪريون ٿا