آئين کي مقدس دستاويز نه سمجھڻ واري ذهنيت

دنيا جي رياستن ۾ آئين کي مقدس دستاويز سمجھيو ويندو آھي. ان مطابق ئي ملڪ جو وھنوار ھلايو ويندو آهي پر ھن ملڪ جي تاريخ شاھد آھي ته شھرين جي حقن جي تحفظ ڏيڻ وارو آئين پنھنجو تحفظ به ڪري نه سگھيو آھي. ھر مغرور آمر ان کي ٽوڙيو ۽ معطل ڪيو آھي. آئين جي ابتڙ عمل ڪرڻ واري ڪرت جمھوريت جي دعويدار حڪومتن ۾ به رھي آھي. وزير قانون ۽ انصاف بيرسٽر عقيل چيو آهي ته آئين ڪو آسماني ڪتاب نه آهي، جنهن ۾ تبديلي نه ٿي سگهي. بيرسٽر عقيل چيو ته هي ڳالهه غلط آهي ته 26هين آئيني ترميم جي وقت ڪنهن جي رٽائرمينٽ سبب جلدي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته 27هين ترميم بابت به ڪا جلدي ناهي، سڀ معاملا ڳالهه ٻولهه سان طئي ڪيا ويندا. هن چيو ته 27هين ترميم ۾ قومي مفاد جا مسئلا شامل آهن، هي ڪم گهڻو وقت کان هلي رهيو هو، ڪنهن سياسي پارٽي جي فائدي يا نقصان جي ڳالهه ناهي، ۽ نه ئي آئين ڪو آسماني ڪتاب آهي، جو ان ۾ تبديلي نه ٿي سگهي.

آئين شھرين جي حقن جو ضامن آهي، ۽ حڪمراني لاءِ راهنما آهي. ان کي مقدس دستاويز نه سمجهڻ جو مطلب ھر آمر ۽ طالع آزما کي اھا راھداري ڏيڻ ته جيئن وڻي تيئن آئين سان ڪار ڪري. اها سوچ آمريت جي نرسري ۾ پيدا ٿي آهي، جنهن جمهوريت جي اصل مقصد کي گرھڻ لڳائي ڇڏيو آهي. سياستدانن کي ھن ملڪ ۾ اختيار نه پر صرف اقتدار ملندو رھيو آھي. سياسي ڌريون ايستائين جمھوريت جي ڳالهه ڪنديون آهن ، جيستائين اپوزيشن ۾ ھونديون آھن پر اقتدار ملندي ئي آھي مليل اسڪرپٽ تي عمل ڪرڻ لڳنديون آھن. اسان جي سامهون نواز ليگ جو مثال آھي. جيڪا جڏهن اپوزيشن۾ ھئي ته ان جو بيانيو ھو: ووٽ کي عزت ڏيو. پر اقتدار ملندي ئي ان جي ٻولي ئي ٻي ٿي وئي آھي ۽ ان ستاويهين آئيني ترميم ذريعي ملڪي آئين جو جمھوري پارلياماني روح ئي قبض ڪرڻ جي واٽ ورتي آھي. اھا اهڙا قدم کڻي رهي آهي جيڪي جمهوريت جي اصولن جي خلاف آهن. جڏهن اهڙي پارٽي پنهنجي ئي بيانيه تي عمل نٿي ڪري ته سياسي اخلاقيات کان وانجھيل اھڙي طرز عمل کي نه صرف پنھنجي ووٽرن سان واعدي خلافي آھي پر جمھوريت سان پڻ ويساھ گهاتي آهي. ارڙھين آئيني ترميم صوبائي خودمختياري مضبوط ڪرڻ، حقن جو تحفظ ۽ عوامي اختيار واپس آڻڻ لاءِ هڪ بھتر قدم هو، پر  27هين ترميم سان ان جا قل پڙھجي ويندا. چئي سگهجي ٿو ته 27هين ترميم 18هين ترميم جو انت آهي ۽ ان سان گڏ، اسان جي ملڪ ۾ جمهوري طرز حڪمرانيءَ جي هڪ خاص ڪردار جو به اختتام آهي. جڏهن آئين کي مقدس ڄاڻڻ جي سوچ ختم ٿي وڃي ٿي، جڏهن اهو انهن لاءِ لچڪدار بڻجي وڃي ٿو، جيڪي طاقت ۾ آهن، ته جمهوريت لاءِ ڪو به محفوظ طريقو نٿو بچي.

پاڪستان مسلم ليگ (ن) کي ذميواري آهي ته اھا “ووٽ کي عزت ڏيو” واري بيانئي کي پھرين پاڻ عزت ڏئي. ووٽرن جي ووٽ کي پھرين پاڻ عزت ڏئي. صرف چونڊن واري ڏينھن جمهوريت جو اظهار ڪافي ناهي، ادارا صحيح طريقي سان ڪم ڪن، حق پورو ڪيو وڃن، وفاقي ڍانچو برقرار رهي ۽ شهريءَ جو آواز طاقت جي گونج ۾ گم نہ ٿئي، ته پوءِ اھا ئي جمهوريت آھي. 18هين ترميم هڪ سگھارو قدم هو. ان صوبن کي قانونسازي ۽ مالي اختيار ڏنا، پارليماني جمهوريت کي مضبوط بڻايو، ۽ ادارن کي وڌيڪ آزاد بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. اهو پاڪستان جي آئيني تاريخ ۾ هڪ موڙ ھو پر 27هين ترميم ان کي پوئتي ڌڪي ڇڏيندي. آئين کي عزت ڏيڻ صرف ان جو صرف زباني اقرار ناهي. اصل ڳالهه ان جي روح کي بچائڻ آهي: جمهوريت، حق، برابري، وفاقيت، ۽ ذميواريءَ واري روح کي.

اسان کي ياد رکڻو آهي ته آئين رياست جو آھي. عوام جو آهي. اهو طاقتور ماڻهن جي ملڪيت ناهي. جڏهن آئين مقدس سمجهيو ويندو، تڏهن ئي حقيقي جمهوريت وڌي ويجھي سگھي ٿي. جڏهن اهو رڳو سودي وارو اوزار بڻجي وڃي، تڏهن آمريت کي سگھ ملي ٿي.