آئين  ۾ صدر ۽ وزيراعظم لاءِ فقط مسلمان هجڻ جي شرط تي نظرثاني ڪئي وڃي: سڄاڻ ڌريون

  آئين  ۾ صدر ۽ وزيراعظم لاءِ فقط مسلمان هجڻ جي شرط تي نظرثاني ڪئي وڃي: سڄاڻ ڌريون

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) اقليتي، سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن  نياڻين جي زبردستي مذھب تبديلي جي سخت مذمت ڪندي چيو آھي ته پاڪستان جي آئين  ۾ صدر ۽ وزيراعظم لاءِ فقط مسلمان هجڻ جي شرط تي نظرثاني ڪري اقليتن کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي. اھڙو اظھار اقليتي فورم پاڪستان حيدرآباد طرفان ”آئين جا تحفظات ۽ برابري جا شهري“ جي موضوع تي حيدرآباد ڪلب ۾ سيمينار ڪوٺايو ويو، جنهن ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي اڳواڻن شرڪت ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي اقليتي فورم پاڪستان جي ڪنوينئر ناصر وليم چيو ته فورم اقليتن جي حقن، تحفظ ۽ آئيني برابري تي جدوجهد ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪلز 41 ۽ 91 ۾ صدر ۽ وزيراعظم لاءِ فقط مسلمان هجڻ جي شرط تي نظرثاني ڪرڻ لاءِ پاڪستان پيپلزپارٽي پنهنجي اليڪشن منشور ۾ واعدو ڪيو آهي، جنهن تي عملدرآمد ڪرائڻ جو اسان اڄ سيمينار ذريعي مطالبو ڪريون ٿا. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ ايم پي اي راشد خان خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم هميشه اقليتن جي حقن بابت آواز اٿاريو آهي، جنهن جو مثال 11 آگسٽ اقليتي ڏهاڙي تي ايم پي اي نويد انٿوني پاران پيش ڪيل ريزوليوشن آهي، جيڪو گڏيل فيصلي سان پيش ڪيو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي وومين وِنگ جي اڳواڻ صنم عباس ٽالپر چيو ته سنڌ ۾ جبري مذهب جي تبديلي قابل مذمت عمل آهي، ۽ هوءَ اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪري قانون سازي لاءِ مطالبو پيش ڪندي. هيومن رائٽس ڪميشن آف پاڪستان جي ريجنل ڪوآرڊينيٽر غفرانه آرائين چيو ته اسانجي ڪميشن ۾ شڪايت ڊيسڪ موجود آهي، جتي اقليتي برادرين پنهنجي شڪايتون ڪنهن به وقت جمع ڪرائي سگهن ٿيون، ۽ کين مڪمل تحفظ ۽ انصاف فراهم ڪيو ويندو. سيمينار ۾ سينئر سول سوسائٽي اڳواڻ شهناز شيدي، ڊي ايس پي ونود سوني،  ڊپٽي رجسٽرار ها۽ ڪورٽ شيام لال،  اقليتي فورم حيدرآباد صدر نڪيش راٺوڙ ، اقليتي فورم سنڌ جي صدر سنيل شتروگھن،  اقليتي اڳواڻ اڀيمان مولاني ،ضلع ڪائونسل ميمبر راڻا وڪيلن سياسي سماجي اڳواڻن جي ڪافي ماڻهن پاران شرڪت ڪئي.