| آبادي ۽ موسمي تبديليون ملڪ لاءِ بنيادي خطرا آهن: ناڻي وزير |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان استحڪام حاصل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي پائيدار اقتصادي ترقي جي رستي تي گامزن آهي. ملڪ جي وسيلن جو انتظام آبادي جي لحاظ سان ڪرڻ ضروري آهي، تيزي سان وڌندڙ آبادي ۽ موسمياتي تبديلين پاڪستان لاءِ ٻه بنيادي وجودي خطرا آهن. پاپوليشن ڪائونسل جي تحت ڊسٽرڪٽ ولنيرايبلٽي انڊيڪس آف پاڪستان جي منعقد تقريب ۾ خطاب ڪندي ناڻي وزير چيو ته اهم معاشي اشارن ۾ بهتري اهو ظاهر ڪري ٿي ته پاڪستان هاڻي پائيدار اقتصادي ترقي جي راهه تي گامزن آهي. پاڪستان ۾ آبادي جي واڌ جي شرح تقريبن 2.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، جيڪو انگ تمام وڌيڪ آهي. جيڪڏهن آبادي تيزي سان وڌندي رهي ته مجموعي قومي پيداوار سان ان جو لاڳاپو ختم ٿي ويندو، جيڪو پائيدار ناهي. اسان کي آبادي جي لحاظ سان وسيلن جو انتظام ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته ٻار اسان جا مستقبل جا اڳواڻ آهن، پاڪستان ۾ لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو ٻار سٽنٽنگ جو شڪار آهن ۽ 50 سيڪڙو ڇوڪريون اسڪولن کان ٻاهر آهن، هي ٻئي انتهائي سنجيده نوعيت جا مسئلا آهن.