آبادگار بورڊ پاران 1500 رپيا سبسڊي ناڪافي قرار، لائحه عمل جوڙڻ جو فيصلو

آبادگار بورڊ پاران 1500 رپيا سبسڊي ناڪافي قرار، لائحه عمل جوڙڻ جو فيصلو

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ آبادگار بورڊ ڊيزل جي اگهه ۾ وڏي واڌ کي منهن ڏيڻ لاءِ ننڍن آبادگارن لاءِ اعلان ڪيل 1500 رپين جي سبسڊي کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو آهي ته سبسڊي ننڍن آبادگارن مان  20 سيڪڙو آبادگارن کي به مشڪل سان ئي ملي سگهندي.  سنڌ آبادگار بورڊ آبادگارن سان نا انصافين خلاف آواز اٿارڻ لاءِ هفتي اندر حڪمت عملي ٺاهڻ جو فيصلو پڻ ڪيو آهي. حيدرآباد ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جو اجلاس محمود نواز شاهه جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڊاڪٽر بشير نظاماڻي، سيد نديم شاهه، ملوڪ نظاماڻي، عمران بوزدار، طاها ميمڻ، مسرور سومرو، سرمد نظاماڻي، مراد علي شاهه  بڪيرائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ چيو ويو ته حڪومت طرفان هاري ڪارڊ رکندڙ ننڍن آبادگارن کي في ايڪڙ 1500 رپين جي معمولي سبسڊي جيتوڻيڪ هڪ چڱو قدم آهي پر ان جو فائدو 20 سيڪڙو ننڍن آبادگارن کي به ملڻ ڏکيو آهي. سنڌ آبادگار بورڊ چيو ڊيزل جي اگهن ۾ هاڻوڪي ڳاٽي ٽوڙ واڌ کان اڳ ئي زراعت بحران ۾ هئي ۽ هاڻ ان ۾ ويتر واڌ ٿيندي. آبادگار بورڊ چيو ته ڪڻڪ جو اگهه گهٽجي 2200 رپين تائين پهتو،  هاڻي  رڳو ٿورن آبادگارن کي اگهه 3500 رپيا  ملي سگهندو، جڏهن ته باقي آبادگارن کي کليل مارڪيٽ ۾ 3200 رپيا به مشڪل سان ٿو ملي، جڏهن ته ان جي ڀيٽ ۾ ڪڻڪ جو في مڻ پيداواري خرچ اڳ ئي 4000 رپيا تائين وڌي چڪو آهي.آبادگار بورڊ چيو ته هن بحران جي ذميوار حڪومت آهي، سنڌ آبادگار بورڊ وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾زراعت سان لاڳاپيل  لڳ ڀڳ 26 لک ڪٽنب آهن، جن مان 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ننڍا آبادگار آهن، جن وٽ 2025 جي زرعي شماري مطابق 25 ايڪڙن کان گهٽ زمين آهي. جڏهن ته، هاري ڪارڊ رڳو ٽي لک ٽيهه هزار ننڍن آبادگارن کي جاري ڪيو ويو آهي. تنهن ڪري هي سبسڊي سمورن ننڍن آبادگارن تائين به نه پهچندي.