آباد واپارين جي اسيمبلين ۾ نمائندگي جي گهر ڪري ڇڏي 

ڪراچي: آباد جي چيئرمين حسن بخشي چيو آهي ته تعميراتي صنعت ملڪ جي ٻي وڏي صنعت آهي، جنهن جي ترقي سان روزگار ۽ معاشي سرگرمين ۾ واڌ ٿيندي.، ڪالهه صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال جي آمد وقت ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ جي عوام کي هيلٿ ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪئي وڃي، هن چيو ته بزنس ڪميونٽي ( واپارين کي سياسي ۽ قانونسازي جي عمل ۾ اڳتي آڻڻ جي ضرورت آهي، بزنس ڪميونٽي جا ماڻهو ايوانن ۾ وڃي قانونسازي ذريعي عوام جي خدمت ڪري سگهن ٿا. آباد انهي مامري تي ايم ڪيو ايم، پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي سميت سياسي پارٽين سان ڳالهائيندي. هن تعميراتي شعبي ۾ اربين ڊالرن جو ڪم ٿي رهيو آهي،  حڪومت کي سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ مستقل پاليسي ڏيڻ گهرجي.