آبيانو ڊجيٽل ڪرڻ ۽ نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ ۾ پائلٽ پراجيڪٽ منظور

آبيانو ڊجيٽل ڪرڻ ۽ نارا ڪئنال ايريا واٽر بورڊ ۾ پائلٽ پراجيڪٽ منظور

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) سنڌ حڪومت آبياني کي ڊجيٽل ڪرڻ جو فيصلو ڪندي نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ ۾ پائلٽ پراجيڪٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. ان سلسلي ۾ سيڊا ترجمان طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ جي وڏي وزير آبياني جي جاچ پڙتال ۽ ان جي وصولي جي نظام کي ڊجيٽل بڻائڻ ۽ پائلٽ پراجيڪٽ نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ ۾ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي. وڏي وزير جي ھدايتن تي سيڊا جي اعليٰ سطحي وفد سيڊا چيئرمين قبول محمد کٽياڻ جي صدارت ۾ سنڌ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪمپني (ايس آءِ ٽي سي) سان ڪراچي ۾ گڏجاڻي منعقد ڪئي. گڏجاڻي جي صدارت ايس آءِ ٽي سي جي سي اي او سيد زين العابدين شاھه ڪئي. گڏجاڻي ۾ سيڊا چيئرمين قبول محمد کٽياڻ چيو ته سنڌ حڪومت چاھي ته آبياني جي ڪٿ ۽ وصولي کي مينوئل مان ڊجيٽل بڻايو وڃي ته جيئن ان ۾ موجود ڪمزورين کي ختم ڪري شفافيت آڻجي. جنھن سان نه صرف آبادگارن ۽ ٻين صارفين جو ادارن تي  اعتماد بحال ٿيندو پر ان سان گڏوگڏ کين گھر ويٺي آبيانو جمع ڪرڻ جي سھولت پڻ ملندي. ھن چيو ته سنڌ حڪومت شروعاتي طور تي نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ جي حدن ۾ پائليٽ پراجيڪٽ طور لاڳو ڪرڻ جي منظوري ڏني آھي، جنھن کي اڳتي ھلي سڄي سنڌ ۾ لاڳو ڪيو ويندو. سيڊا جي جنرل مئنيجر ٽرانزيشن صادق خاصخيلي ۽ نارا ڪينال ايريا واٽر بورڊ جي ڊائريڪٽر شان ملاح آبياني کي ڊجيٽائيز بڻائڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني ۽ موجوده نظام بابت آگاھي ڏني.