آبياني ۾ واڌ جو فيصلو، ڪاميٽي قائم، گورک اٿارٽي کي 284597 ايڪڙ زمين الاٽ : پينشرن لاءِ 21 ارب منظور

جنوري 23, 2024

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم )سنڌ ڪابينا پاران آبياني ۾ واڌ جو فيصلو: گورک هل اٿارٽي لاءِ 284597 ايڪڙ زمين جي منظوري:  ڇور کان ٿر ڪول بلاڪ تائين 105 ڪلوميٽر  پٽڙي جي اڏاوت لاءِ وفاق سان 50 سيڪڙو ڀائيواري هيٺ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جو فيصلو : پينشرن کي رهيتن جي ادائگي لاءِ  21 ارب منظور، ڪالهه وڏي وزير مقبول باقر جي صدارت هيٺ ٿيل ڪابينا اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آبپاشي انفراسٽرڪچر جي سار سنڀال ۽ مرمت ( ايم اينڊ آر)  جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ آبيانو وڌائڻ جي ضرورت آهي.  هن وقت آبياني/ واٽر چارجز جي وصولي خرچن جي ڀيٽ ۾ تمام گھٽ آھي ساڳئي ريت آبياني جو اگهه جَرَ جي پاڻي لاءِ به گھٽ آھي  آبياڻي تي آخري نظر ثاني سال 1999 ۾ ٿي،  اجلاس کي ٻڌايو ويو  ته آبياني جي سراسري سالياني آمدني 528.45 ملين رپيا آهي، جڏهن ته سالياني مرمت (ايم اينڊ آر) جو خرچ وري  4464.77 ملين رپيا آهي، اهڙي بريفنگ بعد وڏي وزير  آبياني ۾ واڌ بابت سفارشون پيش ڪرڻ لاءِ روينيو واري وزير يونس ڍاگا جي سربراهي ۾ ڪابينا ڪاميٽي جوڙي ڇڏي. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته مالي ڏکيائين سبب پينشن جي ادائگي لاءِ مختص بجيٽ محدود آهي، تنهنڪري التوا هيٺ بقايا رقم ۽ رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي انگ ۾واڌ ٿي رهي آهي. رٽائرڊ ملازمن کي معاوضو (ڪميوٽيشن )، گريجوئيٽي ۽ ايل پي آر لاءِ سندن ادائگيون 12 کان 18 مهينن دوران ٿين ٿيون، هن وقت 19537 رٽائرڊ سرڪاري ملازمن جي 36.942 ارب رپيا بقايا رهيل آهي، 30نومبر تائين رٽائر ٿيل 11657 ملازمن جي معاوضي لاءِ 30.568 ارب رپيا، 7147 رٽائرڊ ملازم جي گريجوئٽي لاءِ 0.973 ارب رپيا ۽ ايل پي آر لاءِ 5.5301 ارب رپيا گهربل آهن وڏي وزير 21.558 ارب رپين جي منظوري ڏني، جنهن مان  100 سيڪڙو گريجوئٽي  ۽ ايل پي آر  ۽ 50 سيڪڙو ڪميو ٽيشن ادا ٿيندا، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته ڪووڊ 19 جي وبائي مرض دوران ڊاڪٽرز، اسٽاف نرسز، پيرا ميڊيڪل، ماهر ۽ سپورٽ اسٽاف جون خدمتون 2020ع ۾ 89 ڏينهن لاءِ ”سروس رينڊرڊ بيسز“ تي ورتيون ويون آهن. صحت کاتي سندن مدي ۾ جون 2023 تائين واڌ ڪئي.  ڪابينا ڊاڪٽرن ۽ اسٽاف نرسن جي ڀرتي جي مدي ۾ جولاءِ 2023 کان جون 2024 تائين هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي. ڪابينا ڪاليج آف نرسنگ (مرد)، اياز سائمن ڪاليج آف نرسنگ (فيمل) لياري ۽ پيرا ميڊيڪل ٽريننگ سينٽر سنڌ گورنمينٽ لياري جنرل اسپتال ۽ پيراميڊيڪل انسٽيٽيوٽ آف شهيد بينظير ڀٽو ميڊيڪل ڪاليج لياري کي ڪاليج جو درجو ڏيڻ جي منظوري ڏني. سنڌ ڪابينا گورنر هائوس کي انتظامي ۽ ضرورت جي بنياد تي وينٽيليٽر سسٽم سان ليس ٽويوٽا ايمبولينس خريد ڪرڻ لاءِ 18.8ملين جي گرانٽ جي منظوري ڏني، سنڌ ڪابينا ملير جي ڊملوٽي ايريا کان ڊفينس هائوسنگ اٿارٽي تائين پاڻي جي فراهمي لاءِ پائيپ لائين وڇائڻ جي منصوبي تي عملدرآمد لاءِ 3500 ملين  ۽ سائيٽ انڊسٽريل ايريا ڪراچي لاءِ واٽر سپلاءِ پائيپ لائين فراهم ڪرڻ لاءِ 2500 ملين رپين جي منظوري ڏني.

Leave A Comment