آبپاشي کاتي جي ڪامورن شاخن جي ريگوليٽرن کي تالا هڻي ڇڏي

آگسٽ 20, 2023

جاتي(ن پ ا)آبپاشي انجنيئر سجاول پاران جاتي تعلقي ٻن وڏين شاخن گڏاپ ۽ جاتي مائينر شاخ جي ريگيوليٽرن کي زنجيرون هڻي تالا لڳائي ڇڏيا

جنهن عمل خلاف گڏاپ شاخ جي پوڇڙ جي آبادگارن مير محمد چالڪو،عبدالستار ڌاندل،اسحاق چالڪو جي اڳواڻي ۾ آبادگارن گڏاپ ريگيوليٽر تي آبپاشي انجنيئر خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعري بزي ڪئي ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن صحافين اڳيان ڌانهيندي چيو ته آبپاشي انجنيئر رشوت خور آهي

جيڪو اسان جي حصي جو پاڻي وڪرو ڪري ٿو ۽ اڄ پاڻي ريگيوليٽر جي دروازن کي تالا ۽ زنجيرون هڻي پاڻي وڪرو ڪرڻ جا چٽا ثبوت ظاهر ڪيا آهن

هنن چيو اهڙي راشي انجنيئر جي ڪري اسان پوڇڙ جي جي آبادگارن جا بيٺل سڙي رهيا آهن ۽ ساحلي پٽي جا سوين ڳوٺ پيئڻ جي پاڻي کان محروم آهن هنن چيو ته پوڇڙ ۾ پاڻي نه پهچڻ ڪري اسان کي لکين روپين جو نقصان ٿي رهيو آهي

۽ هزارين رهواسي پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن هنن چيو ته ڪرپٽ راشي آفيسرن اسان غريبن جو پاڻي وڪرو ڪري اسان سان ظلم ڪيو آهي اهڙن ڪرپٽ آفيسرن خلاف ڪاروائي ٿيڻ کپي ۽ اسان کي پوڇڙ تائين پاڻي پهچايو وڃي

Leave A Comment