| آبپاشي کاتي نئون ڪوٽ ۾ اختلاف: داروغي ايس ڊي او جا حڪم هوا ۾ اڏائي ڇڏيا، پاڻي چوري جاري |
نئون ڪوٽ(رپورٽ: پيارعلي نهڙيو) سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي شاخن ۾ پاڻي چوري جو سلسلو رڪجي نه سگھيو، 2 ڏينهن اڳ دڙيلو شاخ جي آبادگارن پاران پاڻي چوري جي ويڊيو وائرل ڪرڻ بعد ايس ڊي او آبپاشي حرڪت ۾ اچي پاڻي چورن خلاف ڪارروائي لاءِ ليٽر جاري ڪيو، پر آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي نه سگهيو، آبپاشي ذريعن جو چوڻ آهي ته دڙيلو شاخ مان پاڻي چوري ڪندڙن خلاف آبپاشي ايس ڊي او ظهور بوزدار ليٽر جاري ڪندي داروغي سليم ميمڻ کي ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو، داروغي سليم ميمڻ پاران ايس ڊي او جا حڪم نه مڃيندي پاڻي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ بدران ۽ شڪايت ڪندڙ آبادگارن ۽ پاڻي چورن کي راڄوڻي ڪرڻ لاءِ آزيون نيازيون ڪرڻ لڳو آهي، ذريعن پاران چيو ويو ته آخري اطلاعن تائين داروغو ٻنهي ڌرين کي پرچائڻ ۾ ناڪام رهيو جڏهن ته پاڻي چورن خلاف ڪابه ڪارروائي عمل م نه اچي سگهي، آبپاشي ايس ڊي او ظھور بوزدار رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون پاڻي چورن خلاف ڪارروائي لاءِ ليٽر جاري ڪري داروغي کي ڏنو آهي، جيڪو ٻه ڏينهن کان لنوائي رهيو آهي ڪو جواب نه پيو ڏي، آئون جلد پاڻي چورن خلاف ڪيس داخل ڪرائيندس ڪنهن به صورت م پاڻي چورن سان رعايت نه ڪندس، پوءِ ڀلي منهنجي بدلي ٿي وڃي. ڪرسي جي پرواهه ناهي آئون پوڇڙي جي آبادگارن سان ٿيندڙ زيادتي برداشت نٿو ڪري سگهان، هوڏانهن داروغي سليم ميمڻ وي آءِ پي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته آبپاشي ايس ڊي او ڪوڙ ٿو ڳالهائي مون کي ايف آءِ آر لاءِ ليٽر جاري ناهي ڪيو، واٽر ڪورس ٽوڙيا ناهن، انهن ۾ ٻه ڊيسيمل رعايت ڏني آهي جنهن تان آبادگار ڏمريا آهن، منهنجي ڪوشش آهي، جلد راڄوڻي تحت مسئلو حل ڪرايان، داروغي جي اهڙي دعوا بعد آبپاشي ايس ڊي او پاران جاري ڪيل ليٽر پڻ ٽائيم نيوز هٿ ڪري ورتو ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته دڙيلو شاخ جي واٽر ڪورسن 4 جي کاتيدار ذاڪر حسين واٽر ڪورس ٽوڙي پاڻي چوري ڪيو آهي، جنهن خلاف آبپاشي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو وڃي.