سري لنڪا جو دارالحڪومت ڪولمبو هڪ اهم تبديلي مان گذري رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته ان جي تباه ٿيل آبگاھن (ويٽ لينڊز) کي بحال ڪرڻ واريون ڪوششون زور وٺي رهيون آهن. اهو اهم ماحولياتي نظام جيڪو ڪڏهن ڪچري سان ڀريل هوندو هو ۽ نظر انداز ڪيو ويندو هو هاڻي حياتياتي تنوع کي وڌائڻ ۽ شهر کي سيلاب کان اهم تحفظ فراهم ڪرڻ لاءِ ٻيهر بحال ڪيو پيو وڃي.
تاريخي طور تي ڪولمبو جي آبگاھن شهر جي ماحولياتي صحت ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، جيڪو قدرتي سيلاب جي بفرز ڪاربن ڊوبن ۽ هوا کي صاف ڪندڙ طور ڪم ڪن ٿيون. تڏهن به تيزي سان صنعتي ترقي ۽ شهري توسيع ان علائقن جي تنزلي جو سبب بڻيا. 2000ع واري ڏهاڪي تائين شهر جون گھڻيون ساريون آبگاھون سنگين حالتن ۾ هيون، جنهنڪري سيلاب جو خطرو وڌي ويو. 2010 ۾ تباهي آڻيندڙ سيلاب جنهن تقريبن ست لک ماڻھن کي متاثر ڪيو ۽ ايتريقدر جو پارليامينٽ به پاڻي هيٺ اچي وئي هئي. جنهنڪري شهري منصوبابندي وارين پاليسين جو نئين سر جائزو وٺڻو پئجي ويو.
سيلاب جي بحران جي جواب ۾ حڪومت 2016 ۾ ميٽرو ڪولمبو ويٽ لينڊ مينيجمينٽ جي حڪمت عملي کي متعارف ڪرايو. ان اقدام جو مقصد آبگاھن جي تحفظ کي شهري منصوبابندي ۾ ضم ڪرڻ، وڌيڪ نقصان کان بچائڻ ۽ ان جي ماحولياتي نظام کي بحال ڪرڻ هو. حڪمت عملي ڪميونٽي جي شموليت تي زور ڀري ٿي، ان ڳالهه کي تسليم ڪندي موثر تحفظ لاءِ مقامي شموليت جو بندوبست ڪيو ويو.
بحالي جي ھن سفر ۾ نمايان ڪوششن مان ھڪ ٿيلنگاما ويٽ لينڊ واچ آھي، جيڪو ڪولمبو جي مکيه ويٽ لينڊ علائقن مان ھڪ آھي. ھي صفائي ۽ حفاظت لاءِ وقف ھڪ ڪميونٽي گروپ آھي. ان اقدام نه صرف علائقي واسين کي ڪارروائي لاءِ متحرڪ ڪيو آھي، بلڪه ھن ان اھم ماحولياتي نظامن جي لاءِ مالڪي ۽ ذميواري جي احساس کي به فروغ ڏنو آھي.ڪولمبو جي آبگاھن جي بحالي سان اھم مالياتي فائدا مليا آھن، جنھنڪري جهنگلي حيات جي آبادي ۾ اضافو ٿيو آھي ۽ شھري آبگاھي علائقن ۾ پارڪن بڻايا ويا آھن. اھي پارڪس مقبول تفريحي مقامات بڻجي چڪا آھن. جتي رھائشي جاگنگ ۽ تفريحي سرگرمين لاءِ ايندا آھن. بحالي جي ڪوششن ھوا جي معيار کي بھ بھتر بڻايو آھي ۽ موسمياتي تبديلين جي اثرن لاءِ شھر جي لچڪ کي وڌايو آھي. انھن مثبت پيشرفتن جي باوجود چيلينج موجود آھن. شھري ترقي جي دٻاءَ سبب آبگاھن کي خطرو رھي ٿو. ۽ آبگاھن کي پھتل نقصان سبب ڪولبو کي سيلاب جو خطرو به موجود آھي. جيتوڻيڪ رامسر جي منظوري آبگاھن جي ڀراءُ ۽ تباھي کي وقتي طور معطل ڪيو آھي پر ماحولياتي نظامن جي حفاظت لاءِ سرڪاري ايجنسين، غيرمنافع بخش تنظيمن ۽ مقامي ڪميونٽيز تي مشتمل ھڪ مربوط ڪوشش اھم آھي.
بحالي جي انھن ڪوششن ۾ تعليم جو مکيه ڪردار آھي. آبگاھن جي اھميت بابت سجاڳي پيدا ڪرڻ سان شھري، شھري لچڪ ۽ ماحولياتي صحت ۾ پنھنجي ڪردار کي بھتر طريقي سان سمجهي سگهن ٿا. معاشرتي تعليم جا اقدامات تحفظ جي ثقافت کي فروع ڏيڻ ۽ پائدار طريقن جي حوصلي افزائي لاءِ ضروري آھن.ڪولمبو جي آبگاھن جي بحالي لاءِ جاري ڪوششون ماحولياتي بحالي ۽ ڪميونٽي کي بااختيار بڻائڻ جي ھڪ اميد ڀريو داستان جي نمائندگي ڪن ٿيون. ان اھم ماحولياتي نظامن کي ترجيح ڏئي شھر نه صرف پنھنجي حياتياتي تنوع ۽ سيلاب جي لچڪ کي وڌائي ٿو، بلڪ پنھنجي ڪميونٽي تعلقات کي به مضبوط ڪري ٿو. مسلسل تعاون ۽ تعليم ان ڳالھ جي خاطري لاءِ بنيادي حيثيت رکي ٿي ته اھي آبگاھ ايندڙ نسلن لاءِ وڌن ويجهن.