آخري ايشز ميچ لاءِ آسٽريليا جي ٽيم ۾ آف اسپنر جي شموليت

آخري ايشز ميچ لاءِ آسٽريليا جي ٽيم ۾ آف اسپنر جي شموليت

سڊني (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ايشيز سيريز جي آخري ٽيسٽ لاءِ پنهنجي ٽيم جو اعلان ڪري ڇڏيو. آف اسپنر ٽوڊ مرفي هڪ ڀيرو ٻيهرشامل ڪيو ويو آهي. اميد آهي ته کيس سڊني ٽيسٽ ۾ موقعو ملي سگهي ٿو، جيتوڻيڪ پچ تي گاهه جي موجودگي صورتحال کي غير يقيني بڻائي ڇڏيو آهي. مرفي چوي ٿو ته اسپن جو ڪردار مڪمل طور تي ختم نه ٿيو آهي، پر وقت سان گڏ ان جي نوعيت تبديل ٿي رهي آهي. هن اعتراف ڪيو ته هاڻي اسپنرز جو ڪم صرف آخري ڏينهن ۾ ميچ کٽڻ نه پر دٻاءُ برقرار رکڻ ۽ تيز بالرن کي آرام ڏيڻ پڻ آهي.