مورخ ۽ تاريخ جي استاد ڊاڪٽر طاهر ڪامران موجب: سنڌو ماٿري جي تهذيب جو مرڪز ۽ محور اهو علائقو آهي، جيڪو هاڻي سڄو پاڪستان آهي۔ هن بي بي سي کي ٻڌايو ته، “ان ۾ پنجاب به آهي، بلوچستان به، خيبر پختونخوا به. ٽيڪسلا جي تهذيب جي حوالي سان، ۽ سنڌ، موھن جو دڙو وغيره۔ هي مرڪز آهي، سرچشمو آهي، ۽ هتان کان سنڌو ماٿري جي تهذيب اڀري ۽ پکڙجي ٿي، ۽ ان جا اثر گجرات تائين هليا ويا آهن، جتي اڄ به ڪيترن علائقن ۾ سنڌي به ڳالهائي ويندي آهي. تهذيبي طور تي هي علائقو جيڪڏهن گڏيل آهي ته اها ڳالهه بلڪل فطري لڳي ٿي۔ تمام غير فطري ٿيندو ته سنڌ الڳ ٿي هندستان سان ملي وڃي۔ تاريخي طور جيڪڏهن تهذيب جي نقطه نظر کان ڏٺو وڃي ته اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي”.
“سنڌ جو مطلب علائقو يا سنڌ صوبو ناهي، اهو سمورو خطو ۽ علائقو آهي، جيڪو سنڌ طاس تهذيب جو محور ۽ مرڪز هو، جنهن ۾ پنجاب آهي، بلوچستان آهي، ۽ جنهن ۾ سنڌ به آهي۔ ان جي گڏيل تهذيبي وحدت اها ئي آهي، جتي پاڪستان ٺهيل آهي۔ هن مرڪز مان جيڪي تهذيبي گس نڪتا آهن، انهن اڳتي هلي ٻين هنڌن تي پنهنجا اثر ڇڏيا آهن، جيڪي اڄ به قائم آهن”. هن جو چوڻ آهي ته، “انڊين وزير دفاع راج ناٿ سنگهه صرف هڪ چڻگ ڇڏي آهي، جنهن جي پويان ڪا علمي گهرائي يا سنجيدگي نظر نٿي اچي”.
سنڌ جي سياسيات جي ماهر ڊاڪٽر امير علي چانڊيو چوي ٿو ته، “ڀارتي وزير دفاع جو هي بيان سراسر سامراجي ذهنيت جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ان ۾ واضح طور قبضي گيري جي ڌپ محسوس ٿئي ٿي”. بي بي سي سان ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته، “تاريخ تي هڪ مٿاڇري نظر وجهو ته اها حقيقت سامهون اچي ٿي ته سنڌ ڪڏهن به هندوستان يا انڊيا جو حصو نه رهي آهي۔ جيڪڏهن ٿوري عرصي لاءِ مغل سلطنت سنڌ تي قبضو ڪيو به، ته سنڌين ان جي خلاف ڀرپور مزاحمت ڪئي۔ شاهه عنايت شهيد، جنھن کي تاريخ جو پهريون سوشلسٽ صوفي چيو وڃي ٿو، جاگيرداري نظام ۽ مغل بالادستي ـ جيڪا ان نظام جي پويان بيٺل هئي، خلاف فيصلائتي جدوجهد ڪئي”۔ هن چيو ته، “سن 1843 ۾ جڏهن برٽش ايمپائر ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني سنڌ تي قبضو ڪيو، ان وقت به سنڌ هڪ آزاد ملڪ ۽ الڳ وطن هو، انڊيا جو حصو نه هو”.
سن 1847 ۾ سنڌ کي عوام جي خواهشن جي ابتڙ سازش تحت زبردستي بمبئي پريزيڊنسي ۾ شامل ڪيو ويو ته ان فيصلي خلاف سنڌ جي ماڻهن ڊگهي جدوجهد ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جو هڪ ڌار سڃاڻپ بحال ٿي وئي. ان کان پوءِ به سنڌ انگريزن خلاف نه رڳو پارلياماني ۽ جمهوري جدوجهد ڪئي، پر حُرن جي هٿياربند تحريڪ به سنڌ جي مزاحمتي تاريخ جو روشن باب آهي۔ ايتري تائين جو انگريزن کي سنڌ ۾ مارشل لا لاڳو ڪرڻو پيو، پر سنڌ غلامي قبول نه ڪئي۔ هن چيو ته، “سن 1940ع جي قراردادِ لاهور (قراردادِ پاڪستان) کي سڀ کان پهرين قبول ڪندڙن ۾ سنڌ جا ماڻهو شامل هئا۔ ان کان اڳ 1938 ۾ به سنڌ اسيمبلي اهو اعلان ڪري ڇڏيو هو ته، ‘اسان هندستان سان نٿا رهون‘. پاڪستان جي باني قائد اعظم محمد علي جناح جو واسطو به سنڌ سان هو ۽ 3 مارچ 1943 تي پاڪستان جي حق ۾ سڀ کان پهرين قرارداد به سنڌ اسيمبلي منظور ڪئي، جنهن ۾ جي ايم سيد اهم ڪردار ادا ڪري پاس ڪرايو۔ سنڌ ڪڏهن به هندستان جي بالادستي قبول نه ڪئي.”
چغتائي مرزا اعجازالدين جي تحقيق آهي ته، متحده هندستان ۾ سڀ کان پهرين سنڌ ئي هڪ آزاد مسلم رياست جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي. اها قرارداد شيخ عبدالمجيد سنڌي پيش ڪئي. قائد اعظم محمد علي جناح، پاڪستان جو هي موقف ته هندستان ڪڏهن هڪ متحد قوم نه رهيو ۽ مسلم هندستان هميشه هڪ الڳ وحدت رهي آهي، ان جي گونج جي ايم سيد جي بيان ۾ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿي، جيڪو ان وقت مسلم ليگ جي ورڪنگ ڪاميٽي جو ميمبر ۽ هڪ جڳ مشهور سنڌي اڳواڻ هو۔ جي ايم سيد چيو ته موهن جي دڙي مان جنم وٺندڙ سنڌو ماٿري جي تهذيب ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته پاڪستان جا علائقا ڪڏهن به هندستان جو حصو نه رهيا آهن. ۽ هي ته سنڌ، پنجاب، افغانستان ۽ سرحد مشرقي ايشيا جو نه، پر مشرقي وچ ايشيا جو حصو هئا۔ برصغير جي سڀني صوبن مان فقط سنڌ اسيمبلي ئي 3 مارچ 1943 تي، جي ايم سيد جي پيش ڪيل قرارداد ذريعي، لاهور قرارداد جي طرز تي، پاڪستان جي حق ۾ قرارداد منظور ڪئي۔ بعد ۾ 26 جون 1947 تي سنڌ اسيمبلي هڪ خاص اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ته اها نئين پاڪستان دستور ساز اسيمبلي جو حصو بڻجندي. اهڙيءَ طرح سنڌ پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ وارو پهريون صوبو بڻيو۔
سنڌ جا اهي ميمبر، جن پاڪستان جي حق ۾ ووٽ ڏنو، اهي پاڪستاني قوم جا باني آهن. جن ۾ سر غلام حسين هدايت الله، محمد ايوب کهڙو، مير بندہ علي خان ٽالپر، پيرزادو عبدالستار، محمد هاشم گذدر، پير الاهي بخش، ميران محمد شاهه، محمود هارون، قاضي محمد اڪبر، خان صاحب غلام رسول جتوئي، سردار قيصر خان گذدر، مير جعفر خان جمالي، سردار نبي بخش سومرو، غلام محمد وساڻ، سردار نور محمد بجاراڻي، غلام نبي ڏهراج ۽ اسپيڪر آغا بدرالدين، جنھن اجلاس جي صدارت ڪئي۔ امير علي چانڊيو ٻڌائي ٿو ته، اڄ به سنڌ جا ماڻهو جيڪڏهن ڪجهه چون ٿا ته اهو ئي ته اسين پاڪستان جو حصو آهيون، بس اسان کي قرارداد 1940ع تحت اسان جا آئيني ۽ سياسي حق ڏنا وڃن۔ اِئين سنڌ، جيڪو هڪ آزاد وطن هو ۽ انگريزن جي قبضي ۾ هو، رضاڪارانه طور تي پاڪستان جو حصو بڻيو. پاڪستان جي تحريڪ ۾ بنگال سان گڏ سنڌ جو ڪردار به نمايان ۽ تاريخي آهي۔ “سنڌ جي ماڻهن ڪڏهن به هندستان جي بالادستي قبول نه ڪئي. هندستان جون سامراجي خواهشون اڄ به انهن کي قبول نه آهن، نه ڪڏهن هونديون. هندستان جو حصو ٿيڻ يا ڪنهن به قسم جي تسلط کي قبول ڪرڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هن چيو ته، سنڌ تاريخي طور هڪ آزاد وطن رهيو آهي ۽ رضامنديءَ سان پاڪستان ۾ شامل ٿيو هو”۔
دانشور وجاهت مسعود جو چوڻ آهي ته، “جيڪڏهن انڊين وزير دفاع راج ناٿ سنگھه جي منطق کي درست سمجھيو وڃي ته مستقبل ۾ دهلي، اوَڌ ۽ حيدرآباد دکن پاڪستان جو حصو ٿي سگهن ٿا. هن بي بي سي کي ٻڌايو ته تاريخ جو سفر پراڻن حوالن جي روشني ۾ اڳتي نٿو وڌي. اڌ صدي اڳ هندستان ورهائجي ويو ۽ ٻه قومي رياستون قائم ٿي ويون. ان وقت جي قيادت هي فيصلو قبول ڪيو۔ گذريل 7 ڏهاڪن ۾ ٻنهي ملڪن جي سياست، معيشت ۽ تمدن ۾ منفرد رخ نمايان ٿيا آهن. هاڻي راج ناٿ جهڙيون ڳالهيون سواءِ غير ضروري تلخي وڌائڻ جي ٻيو ڪجهه نه ڏينديون۔ وجاهت مسعود جو مشورو آهي ته بهتر اهو آهي ته ٻئي ملڪ سٺن پاڙيسرين جيان رهڻ سکن ۽ پنهنجي عوام جو معيارِ زندگي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪن”۔
Courtesy: BBC