آخري ٽيسٽ جي ٽاس هڪ رات اڳ ڪرائجو: پيٽرسن جو دلچسپ تبصرو

آخري ٽيسٽ جي ٽاس هڪ رات اڳ ڪرائجو: پيٽرسن جو دلچسپ تبصرو

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر ڪيون پيٽرسن پاڪستان جي ڪپتان بابر اعظم جي ميچ کان اڳ ٿيندڙ انٽرويوز تي ٺٺول ڪئي آهي. سوشل ميڊيا تي ڪيون پيٽرسن لکيو ته ”جڏهن ڪنهن ڪپتان جو هر ميچ کان اڳ انٽرويو ڪيو ويندو آهي ته انٽرويو ڪندڙ ٽيم ۾ تبديلين بابت سوال ڪندو آهي.“ هن بابر اعظم کي مخاطب ڪندي لکيو، ”ڇا منهنجي دوست بابر لاءِ اهو تمام ڊگهو انٽرويو ٿي سگهي ٿو؟ شايد ٽاس به هڪ رات اڳ ٿيڻ گهرجي؟“ ڪيون پيٽرسن جو اهو تبصرو بابر اعظم کان ميچ کان اڳ ٽيم جي چونڊ ۽ تبديلين بابت ٿيندڙ سوالن تي ٺٺول واري انداز ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن تي سوشل ميڊيا تي دلچسپ ردعمل سامهون اچي رهيا آهن.