| آخري ٽيسٽ ميچ کان پهرين بونڊاءِ بيچ واقعي جي هيروز کي “گارڊ آف آنر” |
سڊني (اسپورٽس نيوز) ايشز جي آخري ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن جي راند کان اڳ سڊني واقعي جي هيروز کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو.انگلينڊ ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ جاري ٽيسٽ ميچ دوران سڊني جي بونڊاءِ بيچ تي فائرنگ جي واقعي جي متاثرن سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي اسڪرين تي لکيل هو، “اسان هن ڏکئي وقت ۾ اوهان سان گڏ آهيون”اسٽيڊيم ۾ ڪرڪيٽ جي مداحن هيروز کي بيٺل داد ڏنو، ۽ هيروز کي سڊني ڪرڪيٽ گرائونڊ تي گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويو. پيرا ميڊيڪل اسٽاف، ڊاڪٽر، مقامي پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار پڻ گارڊ آف آنر لاءِ موجود هئا. گارڊ آف آنر تقريب ۾ ٻنهي ٽيمن جا رانديگر پڻ موجود هئا.هيرو احمد الحمد، جنهن درجنين جانيون بچايون، 14 سالن جي چايا ڊينڊن سان گڏ هو. چايا ڊينڊن کي ڄنگهه ۾ گولي لڳي هئي ۽ هو ٻن ٻارن کي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي.عثمان خواجه سميت آسٽريليا جي رانديگرن احمد الحمد سان ملاقات ڪئي ۽ سندس همت جي تعريف ڪئي. اسٽيڊيم ۾ تماشائين پاران هيروز جو شڪريو پڻ ادا ڪيو ويو.قومي ترانن کان پوءِ، راندين واري وزير نيو سائوٿ ويلز ۽ ڪرڪيٽ آسٽريليا جي سي اي او هيروز سان ملاقات ڪئي ۽ انهن جو شڪريو ادا ڪيو.