| آخري ٽيسٽ ميچ ۾ برسات جو راڄ: انگلينڊ جون 3 وڪيٽن تي 211 رنسون |
سڊني (اسپورٽس نيوز) پنجين ۽ آخري ايشز ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن انگلينڊ آسٽريليا خلاف 3 وڪيٽن جي نقصان تي 211 رنسون ٺاهي ورتيون، پر مينهن جي ڪري پهرين ڏينهن تي فقط 45 اوورن هلي سگهيا،سڊني ۾ جاري ٽيسٽ ميچ ۾ انگلينڊ ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو. راند جي شروعات ۾ پهرين وڪيٽ لاءِ 35 رنسن جي پارٽنرشپ ڪئي وئي، پر جيئن ئي اوپنر بين ڊڪٽ آئوٽ ٿيو، انگلينڊ جي بيٽنگ لائن اپ ڊهي پئي ۽ ٽي رانديگر 57 جي اسڪور تي پويلين واپس هليا ويا.اوپنر بين ڊڪٽ 27، زڪ ڪرولي 16 ۽ جيڪب بيٿل 10 رنسون ٺاهيون. آسٽريليا جي بالرن مچل اسٽارڪ، مائيڪل نيسر ۽ اسڪاٽ بولنڊ هڪ هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو.انگلينڊ جي ٽن وڪيٽن جي شروعات ۾ ڪرڻ کان پوءِ جو روٽ ۽ جارحاڻي بيٽسمين هيري بروڪ ٽيم جو ساٿ ڏنو ۽ چوٿين وڪيٽ لاءِ 154 رنسن جي پارٽنرشپ ٺاهي. راند جي آخر ۾ جو روٽ 72 ۽ هيري بروڪ 78 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود آهن. پهرين ڏينهن جي راند برسات جي بيهڻ سبب ختم ٿي وئي.