| آذربائيجان جو غزا امن مشن لاءِ فوج ڏيڻ کان انڪار |
باڪو (م ڊ) آذربائيجان جي صدر الهام عليوف چيو آهي ته سندس ملڪ غزا ۾ ڪنهن به امن مشن تحت پنهنجي فوج مقرر نه ڪندو. هڪ انٽرويو ۾ صدر عليوف چيو ته آذربائيجان جو پنهنجي سرحدن کان ٻاهر، غزا ۾ استحڪام سميت تجويز ڪيل بين الاقوامي ڪوششن تحت ڪنهن به قسم جا فوجي دستا موڪلڻ جو ڪو به ارادو ناهي. صدر عليوف وڌيڪ چيو ته آذربائيجان جو ان حوالي سان آمريڪي انتظاميا سان رابطو رهيو آهي ۽ آذربائيجان واشنگٽن کي اهڙي ڪنهن به مشن جي طريقيڪار بابت 20 کان وڌيڪ سوالن تي ٻڌل هڪ تفصيلي فهرست به اماڻي هئي.