ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ سرڪار آربي اوڊي رٿا تي نظر ثاني ڪرڻ، منڇر ڍنڍ جي بحالي، سنڌو جي ساڄي ڪناري وارو ٻوڏ جو پاڻي سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرائڻ ۽ سکر بئراج کي بچائڻ لاءِ ٻوڏ جو پاڻي ناري تعلقي جي ريگستان ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ اپ اسٽريم ۾ ڇنڊڻ (اسڪيپ ڪئنال) ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي
ان حوالي سان ڪالهه ناڻي، روينيو ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري نگران صوبائي وزير يونس ڍاڳا جي صدارت هيٺ آبپاشي کاتي جي انجنيئرن جو اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾موسمياتي تبديلين جي سنڌ تي پوندڙ اثرن ۽ ٻوڏن جي تباهيءَ کان بچاءَ جي منصوبن تي غور ڪيو ويو
اجلاس ۾ نگران صوبائي وزير يونس ڍاڳا لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته 2011 ۽ 2022ع جهڙين ٻوڏن جي تباهي کان بچڻ لاءِ آبپاشي انجنيئرز پائيدار اسڪيمون تيار ڪن، هن هدايت ڪئي ته سکر بئراج جي اسٽرڪچر کي ٻوڏ جي خطرن کان بچائڻ لاءِ پائيدار اسڪيم ٺاهي وڃي
اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته سکر بئراج جي اسٽرڪچر کي ٻوڏ جي خطرن کان بچائڻ لاءِ ٻوڏ جي پاڻي جو ڇوڙ ناري تعلقي جي ريگستان طرف ڪيو وڃي
اجلاس ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير چيو ته آر بي او ڊي مان منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ زهريلي پاڻي کي روڪڻ لاءِ آر بي او ڊي منصوبي تي نظرثاني ڪئي وڃي، جڏهن ته منڇر ڍنڍ جي بحالي واري اسڪيم کي يقيني بڻايو وڃي
اجلاس ۾ آبپاشي انجنيئرن بريفنگ ڏيندي چيو ته آر بي او ڊي هڪ بيمار منصوبو آهي، جنهن جو زهريلو پاڻي منڇر ڍنڍ ۾ اچي رهيو آهي، آر بي اوڊي جي سم واري پاڻي جي نيڪال لاءِ هن وقت ڪو متبادل ناهي
بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آر بي او ڊي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ به سنڌ جي ساڄي ڪپ وارن ضلعن قمبر، لاڙڪاڻو، دادو ۽ ڄامشوري ۾ ٻوڏ جو خطرو باقي رهندو، ڄاڻايل ضلعا 2011 ۽ 2022 ۾ به ٻوڏ دوران تمام گهڻو متاثر ٿيا
ان موقعي تي نگران صوبائي وزير محمد يونس ڍاگا هدايت ڪئي ته سنڌو جي ساڄي ڪناري تي مٿانهن علائقن مان ايندڙ ٻوڏ جي پاڻي کي مختلف زونن مان گذاري سنڌو ۾ ڇوڙ ڪرائڻ لاءِ اسڪيمون ٺاهيون وڃن
اجلاس ۾ صوبائي وزير چيو ته موسمياتي تبديلين ڪري سنڌ ۾ ٻوڏن کان کربين رپين جي انفرااسٽرڪچر، زراعت ۽ گهرن کي پهچندڙ نقصانن کان بچاءُ لاءِ قابل عمل ۽ پائيدار اسڪيمون ٺاهڻ جي سخت ضرورت آهي, آبپاشي کاتي جا انجنيئرز پنهنجن بهترين صلاحيتن ۽ اهليت کي استعمال ڪندي قابل عمل منصوبا پيش ڪن