آرمي چيف جهاز هاءِ جيڪ ڪيس عام عدالت ۾ هليو، 9مئي ۾ ڪجهه ڪيس ملٽري ۽ ڪجهه اي ٽي سي ۾، اهو فرق ڇو ؟: سپريم ڪورٽ
جنوري 10, 2025
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ۾ ملٽري ڪورٽس ۾ سويلين متعلق ڪيس جي مسلسل ٽئين ڏينهن ٻڌڻي جاري رهي. وزارت دفاع جي وڪيل خواجه حارث دليل ڏنا. ملٽري ٽرائل ڪالعدم قرار ڏيڻ متعلق پنج رڪني بينچ جو فيصلو به پڙهي ٻڌايو. ان دوران بينچ 9 مئي جي مخصوص جوابدارن جي ملٽري ٽرائل تي ڪيترائي سوال اُٿاري ڇڏيا. جوابدارن کي خصوصي عدالتن ڏانهن موڪلڻ جو ڊسٽرڪٽ ڪورٽ وارو آرڊر به طلب ڪيو ويو، جسٽس مسرت هلالي سوال ڪيو ته هي دائري اختيار ڪير طئي ڪندو آهي ته ڪنهن جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ٿيندو يا نه؟ سمورن جوابدارن جي ايف آءِ آر ته هڪ جهڙي هئي. پوءِ هي فرق ڪيئن ٿيو؟ ڪجهه جو ٽرائل ملٽري ڪورٽ ۾ ٿيندو ڪجهه جو اي ٽي سي ۾؟ ڪو مثال ڏيو جِتي آئين معطل ڪرڻ بغير سويلين ملٽري ٽرائل ٿيو هجي. جسٽس نعيم اختر چيو ته 9 مئي واقعن ۾ 103 جوابدارن جي خلاف ملٽري ڪورٽس ۾ ڪيس هليو. باقي ڪيسز اي ٽي سي عدالتن ۾، هي فرق ڪيئن ڪيو ويو؟ جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته ملٽري ڪسٽڊي وٺڻ جو پروسيز ڪير شروع ڪندو آهي، ڪير ۽ ڪيئن طئه ڪندو آهي ته ڪيس ڪيڏانهن ويندو ؟ دهشتگردي ٽوڙ عدالت مان جوابدار بري ٿي رهيو آهي اُن کي فوجي عدالتن مان سزا ٿي رهي آهي، ڇا فوجي عدالتن ۾ ڪو خاص ثبوت ڏنو ويندو آهي، ٻڌڻي دوران ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن ياديوَ جو به ذڪر ٿيو. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته سپريم ڪورٽ مرڪزي فيصلي ۾ آرمي ايڪٽ جي شق 2 ڊِي کي ڪالعدم قرار ڏنو، ڇا ڪلڀوشن جهڙن ملڪ دشمن جاسوس جو ڪيس ملٽري ڪورٽس ۾ هلي سگهي ٿو؟ان تي وڪيل ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ فيصلي متعلق دشمن جاسوس کي به ملٽري ڪورٽس ۾ ٽرائل نٿو هلي سگهي. جسٽس حسن رضوي چيو ته 9 مئي جو واقعو دهشتگردي کان وڌيڪ سنگين ڏوهه آهي جو انهن جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ ٿي رهيو آهي. ؟ جسٽس حسن اظهر چيو ته ڇا 9 مئي جو واقعو دهشتگردي کان وڌيڪ سنگين ڏوهه آهي جو فوجي عدالتن ۾ ٽرائل ٿي رهيو آهي، جي ايڇ ڪيو ۾ پهرين به حملو ٿيو، جنهن ۾ شهادتون ٿيون، فوجي ٺڪاڻن تي حملا ٿيا، جهاز سازش ڪيس ۾ هڪ آرمي چيف جو جهاز هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڊيٽا مهيا ڪئي وڃي ته اُهي سمورا ڪيس ڪٿي هلايا ويا؟ جهاز هاءِ جيڪ ڪرڻ جي ڪوشش وارو ڪيس عام عدالت ۾ هليو هو، بينچ جي سربراهه جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته بنيادي حقن جي عدالتن ۾ دفاع ٿي سگهي ٿو، صرف عملداري معطل ٿيندي آهي. جسٽس مسرت هلالي چيو ته موجوده ڪيس ۾ جوابدارن کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو ته بنيادي حق معطل نه هئا. نه ئي امرجنسي نافذ هئي. جسٽس محمد علي ريمارڪس ڏنا ته ان ڪيس ۾ ته بنيادي حقن معطل ٿيڻ جو ڪو تعلق ناهي. مشرف دور ۾ اپيل جو حق نه ڏئي حق معطل ٿيا هئا. سپريم ڪورٽ ۾ قيدين کي قيد تنهائي ۾ رکڻ متعلق ڪيس جي ٻڌڻي دوران ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب جوابدارن کي ڏنل سهولتن جي تفصيلن تي مشتمل رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن کي صبح ساڍي ست وڳي ناشتي بعد لان ۾ ڇڏيو ويندو آهي. جِتي هو شام پنجي وڳي تائين ٻاهر رهندا آهن. جسٽس جمال مندوخيل پڇاڻو ڪيو ته اهو لان ڪهڙو آهي. ڇا اهو ڊيٿ سيل وارو لان ته ناهي؟ جنهن تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل وضاحت ڪئي ته نه، هي اهو لان ناهي جيڪو اوهان ڏٺو آهي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب وڌيڪ ٻڌايو ته جيل ۾ ٽڪ شاپ موجود آهي. جِتان جوابدار ڪافي وغيره به پي سگهن ٿا. ان تي وڪيل فيصل صديقي طنز ڪندي چيو ته اوهان جو مطلب جوابدارن کي گهروارو ماحول ڏنو پيو وڃي؟ جسٽس مسرت هلالي هدايت ڪئي ته جيڪڏهن غلط بياني ڪئي وئي ته جيل سڌارن واري ڪاميٽي کان رپورٽ گهرائي سگهجي ٿي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب جواب ڏنو ته اُن کي 30 سال پريڪٽس ڪندي ٿي ويا آهن ڪوڙ ڇو ڳالهائيندس. حفيظ الله نيازي عدالت کي ٻڌايو ته سمورن جوابدارن کي هاءِ سيڪيورٽي زون ۾ رکيو ويو آهي ۽ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ سپريٽينڊنٽ جيل کي ٻڌائي سگهجي ٿو. البته انهن شڪايتن جي وڪالت نامي تي صحي ڪرائڻ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته وڪالت نامي کان هونءَ به ڪو منع ناهي ڪندو. وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته برگيڊيئر جاويد اڪبر جي وڪالت نامي تي صحي جي اجازت ناهي ڏني وئي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته وڪيلن کي جوابدارن سان ملاقات جي پهچ آهي ۽ جيل مينوئل جي مطابق سپرنٽينڊنٽ قيدين کي سهولتون فراهم ڪرڻ جو پابند آهي. سلمان اڪرم راجه وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.