آرمي چيف جي مدي ۾ واڌ ۽ ججز بابت پارليامينٽ ۾ تقريرن خلاف درخواستون رد

نومبر 20, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ چيف آف آرمي اسٽاف جي مدت ملازمت ۾ واڌ ۽ اعليٰ عدليه جي ججز متعلق پارليامينٽ ۾ تقريرن خلاف درخواستون خارج ڪري ڇڏيون. گيهه ملز تي ٽيڪس متعلق ڪيس ۾ وفاق سميت سمورن صوبن کي نوٽيس جاري ڪيو ويو، جسٽس محمد علي مظهر چيو ته 26 هين آئيني ترميم کانپوءِ هاڻي فل ڪورٽ ناهي رهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ست رڪني آئيني بينچ کي هاڻي فل ڪورٽ سمجهو وڃي. جسٽس عائشه ملڪ نجي چئنل ۾ پگهارن متعلق ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. جسٽس امين الدين جي سربراهيءَ ۾ ست رڪني آئيني بينچ ڪالهه به مختلف ڪيسن جي ٻڌڻي ڪئي. آئيني بينچ چيف آف آرمي اسٽاف جي مدت ملازمت ۾ واڌ جي خلاف درخواستگذار پاران ڪيس جي پيروي نه ڪرڻ تي درخواست خارج ڪري ڇڏي. آئيني بينچ رجسٽرار آفيس جا اعتراض برقرار رکيا. آئيني بينچ سوئي سدرن گيس مان برطرفي خلاف داخل درخواست ۽ نجي هائوسنگ سوسائٽي ۾ پلاٽ الاٽمينٽ متعلق درخواست ريگيولر بينچ کي واپس موڪلي ڇڏي. جسٽس محمد علي مظهر رمارڪس ڏنا ته انهن ڪيسز جو آئيني بينچ سان ڪهڙو تعلق آهي؟ گيهه ملز تي ٽيڪس متعلق ڪيس جي ٻڌڻي دوران جسٽس جمال مندوخيل چيو ته بلوچستان هاءِ ڪورٽ ڪيس تي فيصلو ڏئي چڪو آهي. منهنجي خيال ۾ مون کي ڪيس جي ٻڌڻي نه ڪرڻ گهرجي. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هن ڪيس ۾ فل بينچ جو فيصلو آهي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته 26 هين آئيني ترميم کان پوءِ هاڻي فل ڪورٽ ناهي رهي. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ست رڪني آئيني بينچ کي هاڻي فل ڪورٽ سمجهو وڃي. آئيني بينچ وفاق سميت سمورن صوبن کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. زير زمين پاڻي تي ٽيڪس لڳائڻ متعلق پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ آئيني بينچ سنڌ صوبي ۽ بلوچستان پاران قانونسازي نه ڪرڻ سبب ڪيس جي ٻڌڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي. جسٽس محمد علي مظهر چيو ته جڏهن قانون نه ٺهندو ته ڪيس 20، 20 سالن تائين هلندا رهندا. جسٽس جمال مندوخيل چيو ته پنهنجو ڪم ناهن ڪندا، پوءِ چوندا آهن ته عدالتون ڪم ناهن ڪنديون. آئيني بينچ جي ميمبر جسٽس عائشه ملڪ نجي چئنل خلاف پگهارن جي عدم ادائگين متعلق پاڻمرادو نوٽيس ڪيس تي ٻڌڻي ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي. جنهن تي جسٽس امين الدين خان ريمارڪس ڏنا ته نئين آئيني بينچ جوڙيو ويندو.

Leave A Comment