اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) نگران وفاقي گهرو وزير چيو آهي ته آرمي چيف واضح ڪري ڇڏيو آهي ته اسمگلنگ ۾ ملوث فوج جي ماڻهن جو ڪورٽ مارشل ڪيو ويندو
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سرفراز بگٽي چيو ته فوج پنهنجي احتساب جو نظام 9 مئي جي واقعن بعد ڪارروائين ذريعي ثابت ڪري ڏيکاريو، ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ ۾ سرڪاري آفيسر ۽ سياستدان به ملوث آهن
سندس چوڻ هو ته افغان تجارت جي نالي تي واپار گهٽ ۽ اسمگلنگ وڌيڪ ٿي رهي هئي، ان کي بهتر ڪري رهيا آهيون
نگران وفاقي گهرو وزير چيو ته ڪڻڪ، کنڊ ۽ ڀاڻ جي اسمگلنگ اٺن تي نه پر ٽرڪن تي ڪئي وئي، اسمگلنگ خلاف ڪارروائين دوران 8 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ هٿ ڪئي وئي
هن چيو ته ڪارروائين دوران 2 هزار 2 سئو ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۽ 4 هزار 3 سئو ميٽرڪ ٽن يوريا ڀاڻ به هٿ ڪيو ويو، حوالا هنڊي جي ڪاروبار ۾ ملوث ماڻهن خلاف ڪارروائين بعد ڊالر جي ملهه ۾ لاٿ آئي آهي
سرفراز بگٽي وڌيڪ چيو ته حوالا هنڊي ۾ ملوث ماڻهن خلاف 168 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، غير قانوني طور غير معياري پيٽرول ۽ ڊيزل وڪرو ڪندڙن خلاف به ڪارروائيون جاري آهن