| آريانا کي شڪست ڏيندڙ قازقستان واسڻ ريباڪينا جو ٽرافي سان فوٽو شوٽ |
ميلبرن (اسپورٽس نيوز) قازقستان سان تعلق رکندڙ آسٽريلين اوپن گرينڊ سليم چيمپيئن ايلينا ريباڪينا هڪ روايتي فوٽو شوٽ ڪرايو،آسٽريلين اوپن چيمپيئن ايلينا ريباڪينا جنهن دنيا جي نمبر ون سيڊ آريانا سابالينڪا کي شڪست ڏني ميلبورن ۾ يارا درياءَ جي ڪناري تي هڪ فوٽو شوٽ ڪرايو آهي،ايلينا ريباڪينا چيو ته مون ميلبورن ۾ تمام سٺو وقت گذاريو، ميبلرن جي خوبصورت صبح ۾ فوٽ شوٽ ڪرائڻ سان ڏاڊي خوشي محسوس ٿي، مان تمام گهڻي خوش آهيان سڀني مون کي تمام گهڻو سپورٽ ڪيو. انهن منهنجي حوصلا افزائي ڪئي، توهان سڀني جون مهربانيون، مان ايندڙ سال ٻيهر هتي اچڻ جي منتظر آهيان