| آرٽيفشل انٽيليجنس انساني شعور جو متبادل ناهي: سردار شاهه |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سردار شاھه چيو آهي ته آرٽيفيشل انٽيليجنس سهولت ڏئي سگهي ٿي، پر انساني شعور جو متبادل ناهي. اصل انٽيليجنس فطرت سان جڙيل رهڻ ۾ آهي. ان حوالي سان ڪالهه آءِ بي اي ڪراچي ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري وزير سردار شاھ چيو ته مصنوعي ذهانت بابت جيڪا شيءِ اڄ اسان جو ڪم آسان بڻائي رهي آهي، اها مستقبل ۾ اسان کي ڪهڙين مشڪلاتن سان منهن ڏياري سگهي ٿي، ان تي سنجيدگي سان غور ڪرڻو پوندو. صوبائي وزير چيو ته، ائين لڳي رهيو آهي ته مصنوعي ذهانت حملو ڪري ڇڏيو آهي، هاڻي اسان کي دفاع بابت سوچڻو پوندو. هن چيو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس اسان جي سوچ، تخليقي صلاحيتن، مسئلا حل ڪرڻ جي اهليت ۽ فڪر جي انداز کي متاثر ڪري رهي آهي، تنهنڪري ايندڙ نسلن کي صرف ٽيڪنالاجي نه، پر انسانيت، فطرت، مشاهدي ۽ تخليقي شعور سان به ڳنڍيل رکڻ انتهائي ضروري آهي. سردار شاھه چيو ته جيڪڏهن ٻارن کي قدرت، زمين ۽ حقيقي زندگيءَ جي تجربن سان نه ڳنڍيو ويو ته اي آءِ سندن سوچ تي حاوي ٿي ويندي. هن چيو ته ٻار تصوير ڏسي فطرت جي شين کي سڃاڻي ته وٺي ٿو، پر اصل سوال اهو آهي ته هو حقيقت ۾ قدرت جي ڪيترو ويجهو آهي. تعليم واري وزير سردار شاھه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هن وقت مصنوعي ذهانت جي سهولتن کان محروم ٻار ئي اصل ۾ سکيا جي عمل سان وڌيڪ جڙيل آهن، هن مثال ڏيندي چيو ته ننگرپارڪر يا اوٻاوڙو جي اهڙن خاندانن سان واسطو رکندڙ ٻار، جن جي روزاني زندگي ۽ ڪم حقيقي تجربن تي ٻڌل آهن، اهي ذاتي مشاهدي ۽ عملي تجربن وسيلي وڌيڪ گهري ۽ اثرائتي سکيا حاصل ڪري رهيا هوندا، انهن ٻارن جي ڀيٽ ۾ جن جي سکيا جو وڏو دارومدار مصنوعي ذهانت جي سهولتن تي آهي.