| آرٽيفيشل انٽيليجنس جون اسٽيٽ ايجنٽ جو خدمتون مفت ملي ويون |
لاس اينجلس (انٽريسٽنگ نيوز) مصنوعي ذهانت تي ٻڌل چيٽ جي پي ٽي، ڪيترن ئي ڪمن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي پر هاڻ ته هن اسٽيٽ ايجنٽ جو ڪردار ادا ڪرڻ به شروع ڪري ڇڏيو آهي. جنهن سان اهو خدشو پيدا ٿي ويو آهي ته تمام جلد هي اي آءِ چيٽ بوٽ ريئل اسٽيٽ ايجنٽن جي جاءِ به والاري ويندي. آمريڪي رياست فلوريڊا ۾ هڪ ماڻهو پنهنجو گهر وڪڻڻ لاءِ چيٽ جي پي ٽي کي استعمال ڪيو. رابرٽ ليوائن چيو ته هن پنهنجي گهر جي وڪري لاءِ اشتهارن ۽ ٻين تيارين لاءِ چيٽ جي پي ٽي کي استعمال ڪيو. هن چيٽ جي پي ٽي کان پڇيو ته مارڪيٽنگ مواد ڪيئن تيار ڪجي، گهر ڏيکارڻ لاءِ امڪاني خريد ڪندڙن سان ڪيئن رابطو ڪجي ۽ سيلز معاهدي جو مسودو به تيار ڪيو وڃي. رابرٽ ليوائن چيو ته چيٽ جي پي ٽي جي مدد سان تيار ڪيل اشتهار سان هن کي پهرين 72 ڪلاڪن ۾ 5 آڇون مليون ۽ گهر 5 ڏينهن اندر وڪرو ٿي ويو. جنهن سان ايجنٽ جي 3 سيڪڙو ڪميشن به بچي وئي. پئسا بچائڻ سان گڏ گهر وڪرو ڪرڻ جي ڪارروائي تمام جلد مڪمل ٿي وئي.