آرٽيفيشل انٽيليجينس: تعليم جي دنيا ۾ ھڪ انقلاب ….زيد پيرزادو

                 آرٽيفيشل انٽيليجينس (اي آئي) اچڻ شرط دنيا کي مڪمل طور تبديل ڪري ڇڏيو آھي. ھر ميدان ۾ تصور کان ٻاھر تبديليون اچي چڪيون آھن. پر محدود ڄاڻ ۽ منفي سوچ سبب اسان فائدا حاصل ڪرڻ بدران رھندو مخالفت ڪري وقت ضايع ڪندا رھون ٿا. تاريخ شاھد آھي ته انسان ھميشه نواڻ، تبديلي ۽ نئين ايجادن جي شروعات ۾ مخالفت ئي ڪئي آھي ـ پوءِ اھا ڪار ھجي، ڪيلڪيوليٽر يا آرٽيفيشل انٽيليجينس. وقت گذرڻ سان تبديلي اڻٽر ٿيندي آھي پر ان لاءِ Growth mindset يا ترقي پسند سوچ ھجڻ تمام ضروري آھي، جيئن نئين ايجادن کي قبول ڪري انھن منجھان فائدو حاصل ڪري سگھجي. دنيا جون ايجادون انسان جي ڪم کي آسان بڻائڻ ۽ سھولتون ڏيڻ لاءِ ڪيون وينديون آھن. اي آئي به انسان جي ڪردار کي ختم ڪرڻ لاءِ ناھي آئي پر ان جي ڪردار کي نئين سر تشڪيل ڏئي وڌيڪ موثر ۽ بامقصد بڻائي رھي آھي.

                 آرٽيفيشل انٽيليجينس ھر شعبي اندر وڏو انقلاب آڻي ڇڏيو آھي. اي آئي جي اچڻ سان تعليم جي ميدان ۾ استاد، شاگرد ۽ تعليمي ادارا وڌيڪ سرگرم، تيز رفتار ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگھندا. اي آئي جي مشھور ٽول چيٽ جي پي ٽي کان تہ واقف آھيون پر مختلف ڪمن لاءِ مختلف ٽولس ڪارائتا ثابت ٿيندا آھن. اي آئي جي سڀني ٽولس مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ  Prompt ٺاھڻ بنيادي ۽ اھم ڪردار ادا ڪري ٿو. جيئن انسان ھڪٻئي کي سمجھڻ لاءِ ٻولي استعمال ڪن ٿا، ايئن ئي مشينون بہ انسان جي ڳالھ پرومٽ جي ٻوليءَ ۾ سمجھنديون آھن. پرومٽ ٺاھڻ ۾  مھارت حاصل ڪرڻ جديد دور جي پڙھيل لکيل انسان جو شرط ليکيو ويندو. پرومٽ مان مراد آھي ته درست سوال درست انداز ۾ پڇيو وڃي. اڪثر اسان جا سوال مختصر يا اڻپورا ھوندا آھن، تنھنڪري جواب به خواھش مطابق ناھي ملندو. ھڪ پرومٽ اندر ڇا، ڪنھن لاء، ڪيترو، ڪھڙي فارميٽ ۾ سڀ ڪجھ شامل ھجڻ گھرجي، تڏھن مڪمل جواب ملي سگھندو. يا وري پاڻ مثال ڏئي لکجي ته ھن انداز جو جواب گھرجي.

تعليم جي ميدان ۾ چيٽ جي پي ٽي مان بيشمار ڪم وٺي سگھجن ٿا، مثال طور: يونيورسٽيءَ جو ھر استاد پنھنجي ڪورس کي چيٽ جي پي ٽي ذريعي آرام سان نه فقط اپڊيٽ ڪري ڪورس آئوٽ لائين تيار ڪري سگھي ٿو پر HEC جي گائيڊ لائين  مطابق به تيار ڪري سگھي ٿو. ھن دور ۾ ليڪچر ڏيڻ لاءِ مضمونن جي پاور پوائنٽ پريزنٽيشن ٺاھڻي پوندي آھي، جنھن ۾ ڪافي وقت لڳندو آھي پر Gamma جي ايپ استعمال ڪندؤ تہ تصور کان وڌيڪ سٺي پريزنٽيشن بغير دير جي تيار ٿي ملي ويندي. فقط گاما ايپ اندر مواد وجھي جنريٽ جو آپشن ڪلڪ ڪريو ۽ سڄي پريزنٽيشن تيار ٿي ملي ويندي.

استادن لاءِ سڀ کان گھڻو بور ڪندڙ ۽ گھڻو وقت سيڙائيندڙ ڪم امتحان وٺڻ ھوندو آھي، جنھن لاءِ کين سڀ کان پھرين ته امتحاني پيپر تيار ڪرڻو ھوندو آھي ۽ امتحان کانپوءِ اھي سموريون ڪاپيون چيڪ ڪرڻيون ھونديون آھن، جن ۾ مھينو به لڳي ويندو آھي پر اي آئي جي مدد سان اھو سمورو ڪم بہ منٽن اندر ٿي سگھي ٿو. جنھن به مضمون منجھان سوال تيار ڪرڻا ھجن، سي چيٽ جي پي ٽي يا Socrative اندر ڪاپي پيسٽ ڪري لکو ته سئو MCQs تيار ڪري ڏي. يا جيڪڏھن سبجيڪٽو سوال تيار ڪرڻ چاھيو ته اھڙو پرومٽ ڏئي ڇڏيو. جيڪڏھن پرومٽ لکندو ته سئو اھڙا MCQs ٺاھي ڏيو، جيڪي سڀني چيپٽرس کي ڪور ڪن ته ان انداز سان سوال ٺھي ملندا. يا وري اوھان پنھنجو ڪورس شيئر ڪري چوندؤ ته ان منجھان سوال ٺاھي ڏيو ته اڃان سٺا سوال ترت ٺھي ملندا. ڪا يوٽيوب جي وڊيو سليڪٽ ڪري ان منجھان به سوال ڪڍرائي سگھو ٿا يا اھا يوٽيوب وڊيو سڄي ٽرانسڪرائيب به ڪري ٿي سگھجي.

امتحان کانپوءِ مرحلو ايندو آھي ڪاپيون چيڪ ڪرڻ جو. جيڪڏھن امتحان گوگل فارمس تي MCQs جي صورت ۾ وٺجي، جنھن لاءِ لنڪ شاگردن سان شيئر ڪبو تہ نتيجو به پاڻمرادو فوري طور ملي ويندو. جڏهن ته ننڍن يا وڏن سوالن لاءِ چيڪنگ جو معيار اي آئي کي ڏئي سگهجي ٿو، جيڪا نه رڳو نتيجا تيار ڪري ٿي پر هر شاگرد کي سندس ڪارڪردگيءَ موجب ذاتي رمارڪس به موڪلي سگھي ٿي، جيئن هو پنهنجو مضبوط ۽ ڪمزور پاسو سڃاڻي سگهي.

عام طور سيميسٽر جي آخر ۾ امتحان وٺڻ سبب شاگردن کي سندن غلطيون وقت تي ٻڌائي نه ٿيون سگھجن. وڌيڪ بھتر طريقو آھي ته سيميسٽر وچ ۾ ئي ڪوئز وٺي کين پنھنجيون غلطيون ٻڌايون وڃن ۽ سندن راءِ به وٺبي رھجي. فيڊ بيڪ لاءِ شاگرد گوگل شيٽس تي پنھنجا ڪمينٽس ڏين. پر ايترن ڪمينٽس کي پڙھڻ لاء به وقت ٿو گھرجي، سو ان لاءِ به اي آئي ٽولس آھن، جيڪي ترت مڪمل رپورٽ سمرائيز ڪري ڏئي ڇڏيندا. Slido اھڙو مزيدار ٽول آھي، جو شاگردن کان پڇبو تہ ھي ليڪچر ڪيئن لڳو؟ ته ان وقت ئي اسڪرين تي شاگردن جا ڪمينٽس ڏسي سگھجن ٿا. شاگردن سان سڌي ڳالھ ٻولھ ۽ انھن جا مسئلا ھمدرديءَ سان ٻڌڻ بہ انتھائي ضروري آھي.

سنڌ ۾ موجود سڀني اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين لاءِ انتهائي ضروري آهي ته هو جديد تعليمي ٽيڪنالاجي، خاص طور تي MagicSchool ۽ Eduaide AI جهڙين ايپس کي پنهنجي تدريسي نظام جو حصو بڻائين. هي ايپس سبق جي تياريءَ کان وٺي اسائنمينٽس ۽ امتحاني پرچن جي جاچ تائين استادن لاءِ وڏي سهولت فراهم ڪن ٿيون. خاص طور تي Eduaide AI جي مدد سان سبق مان اهڙيون دلچسپ ۽ engaging سرگرميون تيار ڪري سگهجن ٿيون، جيڪي ڪلاس ۾ شاگردن جي دلچسپي، شموليت ۽ سکڻ جو شوق نمايان طور وڌائين ٿيون. اي آئي جي دنيا ۾ هڪ ئي ايپ هر ڪم لاءِ ڪافي نه هوندي، پر مختلف مقصدن لاءِ مختلف ايپس وڌيڪ اثرائتا ثابت ٿيندا آهن. مثال طور، ريسرچ ۽ ڄاڻ جي ڳولا لاءِ Perplexity هڪ بھترين ٽول آهي، جڏهن ته Copilot جي مدد سان ڪنهن به مضمون کي آسانيءَ سان سمرائيز يا مختصر ڪري سگهجي ٿو. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن تعليمي ادارا درست اي آئي ٽولز جو صحيح استعمال ڪن، ته نه رڳو تدريسي معيار بهتر ٿيندو، پر استاد ۽ شاگرد ٻنهي لاءِ سکيا جو عمل وڌيڪ موثر، دلچسپ ۽ نتيجن وارو بڻجي سگهي ٿو.

اي آئي جي سڀني ٽولس جو بنيادي مقصد آھي ته انسان جو قيمتي وقت فضول يا غير ضروري ڪمن ۾ ضايع نه ٿئي، پر وڌيڪ اهم، تخليقي ۽ فڪري ڪمن لاءِ وقف ٿي سگهي. ھي ٽولس خاص طور تي ڪلريڪل ۽ ورجائتي نوعيت وارن ڪمن جو وقت گھٽائي انسان کي بھتر ڪارڪردگي جو سٺو موقعو ڏين ٿا. اي آئي جي سڀني ٽولس کي استعمال ڪرڻ بابت ھڪ ڳالھ تمام اھم آھي ته اھا سمورا ڪم تيزيءَ سان ڪري ڏئي ڇڏيندي پر ان باوجود سڄي ذميواري استعمال ڪندڙ جي آھي. ڪا به شيءِ بغير پڙھي ڪلاس يا امتحان ۾ ڏئي ڇڏبي ته اھو مناسب نه رھندو، ڇو ته غلطين جي گنجائش رھجي ويندي. سو سموري مواد جو جائزو وٺڻ استاد جي ذميواري آھي. اي آئي جا ٽولس فقط مددگار آھن، ذميوار نه آھن.

اھڙي صورتحال ۾ ھڪ اھم سوال ضرور جنم وٺي ٿو ته جڏھن ھن دور ۾ گھڻيون شيون ايتريون آسان ٿي ويون آھن ته پوءِ استاد جي ضرورت آخر باقي ڪھڙي ٿي بچي؟ حقيقت اھا آھي ته استاد جي ضرورت ڪڏھن به ختم نٿي ٿي سگهي، پر سندس ڪردار وقت سان گڏ بدلجندو رھي ٿو. اڄ جو استاد رڳو ڄاڻ ڏيندڙ نه رهيو آهي، پر ھو سکيا جو رستو هموار ڪندڙ، شاگردن جي رھنمائي ڪندڙ ۽ کين صحيح سمت ڏياريندڙ facilitator ۽ guide جي حيثيت اختيار ڪري چڪو آهي