انسان سدائين کان نئين ايجادن، دريافتن، ڳولائن ۽ سکيائن ڏانهن مائل رهيو آهي. چاهي پوءِ ھن جي اها جستجو ڌرتي تي هجي يا ڪائنات جي اڻڳڻين جھانن ۾ جھاتيون پائڻ لاءِ. جيتوڻيڪ، ھن جو هي سفر ڪڏهن بہ سولو نہ رهيو آهي. پر ڪجھ نئون ڪرڻ ۽ حدن کي اورانگهڻ انساني فطرت جي سدائين مجبوري رهي آهي. ھن جي جستجو نہ رڳو دنيا کي حيران ۽ پريشان ڪري ٿي، پر ان مان بي شمار فائدا پڻ حاصل ٿين ٿا. مشهور ليکڪ يوول نوح هراري موجب: “انسان هاڻي بيمارين، آفتن ۽ قحطن تي وڏي حد تائين قابو پائي چڪو آهي تنهنڪري، هاڻي هو ڪائنات ۾ موجود ٻين جهانن، خاص طور تي انهن هنڌن جي ڳولا چاهي ٿو جتي انساني زندگي لاءِ سازگار ماحول ۽ مناسب حالتون موجود هجن.”
16 جولاءِ 1969ع تي اپالو –11 مشن ذريعي انسان پهريون ڀيرو چنڊ ڏانهن روانو ٿيو. 20 جولاءِ 1969ع تي نيل آرمسٽرانگ ۽ بَز ايلڊرن چنڊ جي مٿاڇري تي قدم رکيا، جڏهن تہ مائيڪل ڪولنس چنڊ جي مدار ۾ گردش ڪندو رهيو. 24 جولاءِ 1969ع تي عملي جي زمين تي محفوظ واپسي فلڪياتي سائنس ۾ هڪ نئين باب کي کولي ڇڏيو. ان کانپوءِ دنيا جا ڪيترائي ملڪ چنڊ ڏانهن مشنز موڪلڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويا، جيڪا ڊوڙ اڄ بہ جاري آهي. اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ، انسان هڪ ڀيرو ٻيهر چنڊ ڏانهن وڃڻ جي تيارين ۾ مصروف آهي. ناسا جو آرٽيمس–2 مشن هاڻي تيزي سان حقيقت بڻجڻ جي ويجهو پھچي چڪو آهي. ايندڙ ڪجھ هفتن اندر ناسا، فلوريڊا ۾ موجود ڪينيڊي اسپيس سينٽر جي لانچ پيڊ ڏانهن هن انتهائي اهم خلائي نظام کي منتقل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي، جنهن کي مستقبل جي چنڊ سفرن جي شروعات قرار ڏنو پيو وڃي. امڪاني طور تي، آرٽيمس–2 جا چار خلاباز ريِڊ وائيز مين، وڪٽر گلوور، ڪرسٽينا ڪوچ ۽ جرمي ھينسن اورين ڪيپسول ۾ سوار ٿي، ناسا جي طاقتور راڪيٽ اسپيس لانچ سسٽم (ايس ايل ايس) ذريعي خلا ۾ روانا ٿيندا. لانچ جي عارضي تاريخ 6 فيبروري 2026ع ٻڌائي وئي آھي، پر حتمي تاريخ جو اعلان سڀني فني ۽ ٽيڪنيڪي آزمائشن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڪيو ويندو. هي مشن لڳ ڀڳ ڏھن ڏينهن تائين چنڊ جي مدار ۾ گردش ڪندو، جنهن جو مقصد مستقبل ۾ ٻين انساني مشنز جي لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي. ياد رهي تہ چين پڻ انسان کي چنڊ تي موڪلڻ جون تياريون تيزي سان ڪري رهيو آهي، جنهن سبب آرٽيمس–2 کي چين سان خلائي مقابلي جي تناظر ۾ بہ ڏٺو پيو وڃي. آمريڪا ۽ چين نہ رڳو سياسي ۽ معاشي برتري لاءِ جدوجهد ۾ آهن، پر ايندڙ سالن ۾ چنڊ تي مستقل موجودگي کي قائم ڪرڻ لاءِ پڻ هڪ ٻئي جا مدِمقابل نظر اچن ٿا.
جيتوڻيڪ، آرٽيمس–2 جا خلاباز چنڊ تي پير ڪونہ کوڙيندا پر ھاڻوڪو آمريڪي صدر ڊونالڊ ٽرمپ اڳ ۾ ئي ھي اشارو ڏئي چڪو آهي تہ پنھنجي مدت پوري ٿيڻ کان اڳ يعني 2028ع کان اڳ ھو آمريڪين کي ٻيهر چنڊ تي ڏسڻ چاهي ٿو. ناسا جي ايڪسپلوريشن سسٽمز ڊولپمينٽ مشن ڊائريڪٽوريٽ جي وقتي ايسوسيئيٽ ايڊمنسٽريٽر لوري گليز موجب: “لانچ تائين پهچڻ لاءِ اڃان بہ اهم مرحلا باقي آهن. جيئن جيئن انسان چنڊ ڏانهن پيش قدمي جي ويجهو اچي رھيو آهي، عملي جي حفاظت ۽ صحت هر موڙ تي اسان جي پهرين ترجيح رھي ٿي ۽ رهندي.”
ناسا جا آرٽيمس مشن ڇا آهن؟
آرٽيمس پروگرام ناسا جو هڪ اهم ۽ ڊگهي مدي وارو منصوبو آهي، جنهن جو مقصد اپالو دور کان پنجاھ سالن کانپوءِ انسان کي ٻيهر چنڊ جي مٿاڇري تي آڻڻ آهي. خاص طور تي چنڊ جي ڏکڻ قطبي علائقن ۾. سائنسدانن جو خيال آهي تہ انهن علائقن ۾ پاڻي ۽ برف وڏي مقدار ۾ موجود ٿي سگهي ٿي. جنهن مان پيئڻ جو پاڻي، آڪسيجن، ۽ راڪيٽ جي ٻارڻ لاءِ هائيڊروجن حاصل ڪري سگهجي ٿي. آرٽيمس پروگرامن جي ڪاميابي کانپوءِ چنڊ تي مستقل انساني موجودگي قائم ڪرڻ ۽ پوءِ چنڊ کي خلائي بيس طور استعمال ڪندي مريخ ڏانهن سفر ڪرڻ جون تياريون شروع ڪيون وينديون. 322 فوٽ ڊگهو ايس ايل ايس راڪيٽ، جيڪو بوئنگ ۽ نارٿروپ گرومين ڪپمني تيار ڪيو آهي، دنيا جي سڀ کان وڏن فعال راڪيٽن منجھان هڪ آهي. اورين ڪيپسول کي ايس ايل ايس جي مٿان لڳائي، ناسا جي ڪينيڊي اسپيس سينٽر جي لانچ پيڊ بيِ – 39 ڏانهن منتقل ڪيو ويندو. هي سفر لڳ ڀڳ چار ميلن جو هوندو، جيڪو هڪ تمام وڏي ۽ ڊگھي گاڏي ڪرالر ٽرانسپورٽر (سي ٽي) ذريعي ڪيو ويندو. هي ٽريڪ لڳل گاڏي مڪمل تيار ٿيل راڪيٽ ۽ ان جي موبائل لانچ پليٽفارم کي وهيڪل اسيمبلي بلڊنگ (ويِ ايَ بيِ) مان کڻي، خاص بجري سان تيار ڪيل رستي جنھن کي ڪرالر وي چيو وڃي ٿو تان لانچ پيڊ تائين پهچائيندي. هن سفر ۾ لڳ ڀڳ 12 ڪلاڪ لڳندا. لانچ پيڊ تي پهچڻ کانپوءِ، راڪيٽ کي اڏام لاءِ تيار ڪرڻ جون سڀئي فني ۽ ٽيڪنيڪي تياريون مڪمل ڪيون وينديون، جن ۾ ڪرائيوجينيڪ ٻارڻ ڀرڻ ۽ نظامن جي مڪمل جانچ شامل پڙتال شامل هوندي. ياد رکڻ گھرجي تہ آرٽيمس–2 جو عملو چنڊ جي مٿاڇري تي ڪونہ لهندو پر مدار ۾ گردش ڪندي مستقبل جي انساني مشنز لاءِ اهم ڊيٽا گڏ ۽ مهيا ڪندو. آرٽيمس–2، آرٽيمس–1 (نومبر 2022ع) جي ڪامياب بغير عملي واري مشن کان لڳ ڀڳ ٽن سالن بعد ٿيندڙ پهريون انساني چنڊ مشن آھي، جيڪو انسان جي خلائي سفر ۾ هڪ نئون باب ۽ تاريخي قدم ثابت ٿيندو.
آرٽيمس–2 چنڊ مشن رڳو هڪ خلائي اڏام نہ، پر انسان جي سائنسي شعور، حوصلي ۽ مستقبل ڏانهن وڌندڙ عزم جي علامت آهي. اڌ صدي کان وڌيڪ عرصي کانپوءِ انسان جو ٻيهر چنڊ ڏانهن رخ ڪرڻ ان ڳالھ جو پڪو ثبوت آهي تہ انساني جستجو ڪڏهن بہ ختم نٿي ٿئي. اپالو مشنز انسان کي چنڊ تائين پهچايو. جڏهن تہ آرٽيمس پروگرامن جو مقصد چنڊ تي واپس وڃڻ سان گڏ اتي ڊگهي مدي واري انساني موجودگي کي يقيني بڻائڻ آهي. آرٽيمس–2 جو بنيادي مقصد چنڊ جي مدار ۾ انساني اڏام ذريعي جديد خلائي نظامن، سامان ۽ حفاظتي انتظامن جي عملي جانچ ۽ پرک ڪرڻ آهي. هي مشن مستقبل ۾ چنڊ تي لهڻ وارن مشنز لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪندو. خاص طور تي چنڊ جي ڏکڻ قطبي علائقن بابت تحقيق انسان کي نون وسيلن تائين رسائي ڏئي سگهي ٿي، جن مان پاڻي، آڪسيجن ۽ توانائي حاصل ڪري سگهجي ٿي. اهي وسيلا نہ رڳو چنڊ تي زندگي ممڪن بڻائيندا، پر مريخ ۽ ٻين سيارن ڏانهن سفر لاءِ بہ راھون هموار ڪندا. ساڳئي وقت، آرٽيمس–2 عالمي سطح تي خلائي مقابلي جو بہ حصو آهي، جتي آمريڪا ۽ چين جهڙا ملڪ سائنسي، ٽيڪنالاجي ۽ سياسي برتري حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهن. بهرحال، اهڙا مشن انسانيت کي ورهائڻ بدران گڏ ڪرڻ لاءِ ھجڻ گهرجن. ڇاڪاڻ جو خلائي تحقيق سڄي دنيا لاءِ علم، ترقي ۽ فلڪياتي رازن کي ڄاڻن جا نوان در کولي ٿي. مختصر طور، آرٽيمس–2 انسان جي ماضي، حال ۽ مستقبل کي ڳنڍيندڙ هڪ اهم ڪڙي آهي. هي مشن انسان کي صرف چنڊ تائين واپس نہ وٺي ويندو، پر کيس اهو بہ سيکاريندو تہ حدون پار ڪرڻ، نوان خواب ڏسڻ ۽ ڪائنات کي سمجهڻ ئي انساني وجود جو اصل مقصد آهي. چنڊ ڏانهن هي واپسي، حقيقت ۾، انسانيت جي مستقبل ڏانهن هڪ مضبوط ۽ اميد ڀريو قدم آهي.
آخري ڳالھ:
اسان جڏھن پنھنجي تعليمي نصابن کي ڏسون، پڙھون ۽ جڏھن انھن جو تنقيدي جائزو وٺون ٿا تہ اسان جو پورو جو پورو نصاب اسڪول کان يونيورسٽي سطح تائين رڳو ٿيوريز، نصيحتن ۽ پاڻ پڏائي ڪھاڻين سان ڀريل آھي. ڪيترو نہ سٺو ٿيندو تہ پاڪستان جي روشن مستقبل ۽ خلائي پيشقدمي کي نظر ۾ رکندي اسپيس سائنس جي موضوعن کي بہ ھر سطح جي نصاب جو حصو بڻايو وڃي.