تازا ترين
  • *حڪومت سان في الحال ڪنهن به معاملي تي ڳالهيون نه ٿينديون، عوام جي حقن لاءِ پي ڊي ايم جدوجهد جاري رکندي: مولانا فضل الرحمان*
  • *لاڙڪاڻي ۾ گهر خالي ڪرڻ جا نوٽيس ملڻ بعد رائيس ڪئنال جي ڪپرن تي ويٺل رهواسين جو ٻئي ڏينهن به پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج*
  • *ملڪ ۾ ڪورونا وگهي وڌيڪ 67 مريض حياتيون وڃائي ويٺا، 24ڪلاڪن دوران 2 هزار 458 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا*
  • *ڊاڪٽر ماها ڪيس مان ڊاڪٽر عرفان قريشي جو نالو ڇو خارج ڪيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان ڊاڪٽر ماها ڪيس جي جاچ آفيسر تي ڪاوڙ جو اظهار*
  • *رمضان شگر ملز ڪيس ۾ حمزه شهباز جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست منظور*
  • *بلين ٽري سونامي پروگرام ڪير پيو هلائي، ڪٿي به ڪو وڻ ناهي پوکيو ويو، سپريم ڪورٽ بلين ٽري سونامي پروگرام جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو*
  • *اسٽيل ملز جا ملازم جبري برطرف ڪرڻ خلاف سراپا احتجاج بڻيل*ملير ۾ اسٽيل ملز جي مُک گيٽ آڏو وڏي تعداد ۾ ملازمن جو ڌرڻو، برطرف ٿيل ملازمن کي بحال ڪرڻ جو مطالبو*

آرٽيڪل سڪس فار نواز !

سوشل ميڊيا تي سياسي صورتحال جي حوالي سان بحث جاري آهي، نواز شريف جي بيانن واريون پوسٽون حڪومت خلاف شيئر ڪيون ويون، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايتن پاران نواز شريف خلاف پوسٽون شيئر ڪيون ويون. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪالهه آرٽيڪل سڪس فار نواز ڊيزل، نواز شريف ان سي ڊبليو سي، پنجاب روزگار اسڪيم، آزربائيجان ناٽ الون، اسد شفيق، سنڌ، پنجاب، اسد شفيق هيش ٽيگ ٽاپ ٽين ٽرينڊز رهيا.
آرٽيڪل سڪس فار نواز هيش ٽيگ ٽرينڊ ۾ لکيو ويو ته نواز شريف اهم قومي راز پڌرا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي جنهن ڪري هو ملڪي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي، هاڻي ايڪشن جو وقت اچي ويو، عطاءُالرحمان لکيو ته نواز شريف اهو ڪم پهريون ڀيرو ناهي ڪيو، رحمان خان لکيو ته نواز شريف ملڪ سان سچو ناهي، نعمان سرور لکيو ته نواز شريف کي ڦاهي ڏني وڃي، فرمان خان لکيو ته نواز شريف پاران اهم رازن تان پردو کڻڻ ملڪي سالميت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو، نواز شريف غداري جو مرتڪب ٿي رهيو آهي.
سنڌ هيش ٽيگ ٽرينڊ ۾ سنڌ جي سياحتي ماڳن جون تصويرون شيئر ڪندي سياحت کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ايمانوئل گڊو نالي آءِ ڊي تان ڪوٽڏيجي قلعي جون تصويرون شيئر ڪندي لکيو ويو ته ڪوٽڏيجي قلعو مير سهراب ٽالپر 1785 – 1795 دوران ٺهرايو ويو، اهو قلعو خيرپور ضلعي ۾ موجود آهي. ٻوٽرو ڍنڍ جون پڻ تصويرون شيئر ڪيون ويون اها ڍنڍ اڇڙو ٿر هنٿونگو ويجهو آهي، ذيشان ياسين جوڻيجو ڄامشورو جون خوبصورت تصويرون شيئر ڪيون

This entry was posted in Technology. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *