آرٽ اينڊ ڪلچر يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊگري شو ٿيسز جي نمائش

آرٽ اينڊ ڪلچر يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊگري شو ٿيسز جي نمائش

ڄامشورو (رپورٽر) يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر، ڄامشورو  ۾ ٽئين ڊگري شو ٿيسس نمائش 2025 شروع ٿي وئي آهي، نمائش ۾ آرڪيٽيڪچر، فائن آرٽ، ميڊيا اينڊ ٽيڪسٽائل آرٽ ۽ ٻيا شعبن جي آخري سال جي شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تخليقي ۽ علمي ڪم جا هٿ سان تيار ڪيل پراجيڪٽس رکيا ويا آهن. نمائش جو افتتاح جو  نامياري مصور ۽ فنڪار احمد علي مڱڻھار ۽ يونيورسٽي آف آرٽ اينڊ ڪلچر جي چانسلر پروفيسر عبدالغفار گوهر داؤدپوٽو، ساجده مهر ۽ ٻين گڏجي ڪيو. شريڪ مهمانن نمائش ۾ رکيل پراجيڪٽس کي ڏٺو، شاگردن ۽ شاگردياڻين کان پنهنجن پنهنجن پراجيڪٽس بابت تفصيلي ڄاڻ ورتي، جنهن دوران ڏسندڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي تيار ڪيل پراجيڪٽس جي ساراهه ڪئي. ان موقعي تي مهمانن ڳالهائيندي چيو ته هن نمائش ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪم کي ڏسي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان جي نوجوانن ۾ قابليت آهي جيڪا هن قسم جي نمائشن ۽ استادن جي رهنمائي ظاهر ٿي رهي آهي، هي نمائش يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ علمي ۽ تخليقي سنگِ ميل ثابت ٿيندي. منتظمين موجب هي آرٽ نمائس 15 جنوري 2026ع تائين جاري رهندي. جنهن ۾ روزانو صبح 09:00 کان شام 05:00 وڳي تائين آرٽ جا شوقين دورو ڪري سگهندا. جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجا ويچار ونڊيندي چيو ته اسان کي خوشي ٿي رهي آهي ڪوشش ڪنداسين ته تعليم مڪمل ڪرڻ بعد پنهنجي پراجيڪٽ ۽ برانڊي تيار ڪري پنهنجا ڪاروبار شروع ڪنداسين نوجوانن کي گهرجي ته هن شعبي ۾ اچي اعلي تعليم حاصل ڪري عزت ڀريو پنهنجو روزگار حاصل ڪن. نمائش ۾ آرٽسٽ نادر جمالي، عبدالمجيد سومرو، محمد عمار دائود پوٽو، صدرالدين، اڀيرا اعواڻ، عبدالباري سمون، شهناز، ونود ڪمار، حاڪم چانڊيو ، جبار ڪابورو ، جامي شيدي ۽ ٻين مهمانن شرڪت ڪئي.