پيپلزپارٽي چونڊ نتيجن تي مطمئن، نواز شريف مايوس، ايم ڪيو ايم ڪراچي فتح ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

فيبروري 8, 2024

اسلام آباد/ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽرز+پنهنجي ڊيسڪ ) اليڪشن 2024ع جي پولنگ بعد آر اوز نتيجا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، نتيجن ۾ دير سبب چونڊن تي سوال اٿڻ لڳا، نواز شريف جشن لاءِ سجايل پنڊال ڇڏي گهر روانو ٿي ويو، پ پ چيئرمين به نتيجن ۾ دير تي ردعمل ڏنو

ذريعن موجب اليڪشن 2024ع لاءِ پولنگ جو عمل شام 5 وڳي مڪمل ٿي ويو هو پر رات ساڍي 12 وڳي تائين مڪمل نتيجا نه اچي سگهيا هئا، ذريعن موجب آر اوز نتيجا ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

ذريعن موجب آر اوز چيو ته نتيجا آر اوز نه پر اليڪشن ڪميشن جاري ڪندو، اسان نتيجا اليڪشن ڪميشن کي ڏئي ڇڏيا آهن، واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن پاران چيو ويو هو ته پرزائيڊنگ آفيسر نتيجا گڏ ڪري فارم 45 ٻاهر دروازي تي لڳائيندو، انٽرنيٽ هوندي ته نتيجا آر او کي موڪليندو، انٽرنيٽ نه هوندي ته پاڻ وڃي نتيجا آر او آفيس جمع ڪرائيندو، آر او نتيجا گڏ ڪندو، اهو پولنگ ايجنٽس جي موجودگي ۾ اسڪرين تي نتيجا هلائيندو پر اهو طريقيڪار اوچتو تبديل ڪيو ويو ڪراچي، ملتان، لاهور سوڌو مختلف شهرن ۾ نتيجا روڪيا ويا

 ان حوالي سان پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ آزاد اميدوار سلمان اڪرم راجا پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته مون کي آر او آفيس مان ڪڍيو ويو، جتي نتيجا تيار ٿي رهيا هئا پر مون کي ٻاهر ڪڍيو ويو، ان کانپوءِ مون کي اندر وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي

 هوڏانهن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته نتيجا غيرمعمولي طور سست رفتاري سان اچي رهيا آهن، هن چيو ته شروعاتي نتيجا پ پ لاءِ بهتر آهن پي پي اميدوارن ۽ آزاد اميدوارن جن جي حمايت ڪريون ٿا انهن جي ڪارڪردگي سٺي آهي

 ٻئي  طرف لاهور۾ رات دير تائين نتيجا مڪمل نه اچي سگهيا، نواز شريف، شهباز شريف ۽ مريم نواز به مايوس ٿي جشن لاءِ سجايل پنڊال ڇڏي روانا ٿي ويا

ذريعن موجب شهباز شريف، نواز شريف، مريم نواز جشن لاءِ پنڊال تيار ڪري رکيو هو پر رات دير تائين نتيجا نه آيا ته اهي اتان هليا ويا، نواز شريف چيو ته صبح سان ڏسنداسين

ذريعن موجب لاهور ۾ رات ساڍي 12 وڳي تائين اليڪشن ڪميشن پاران ڪو به نتيجو نه ڏنو ويو، نواز شريف کي فتح واري تقرير ڪرڻي هئي جيڪا به نه ڪئي

قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه ۽ پي ايس 60 قاسم آباد جي تڪ تي جي ڊي اي جي پليٽ فارم تان چونڊ وڙهندڙ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته چونڊ عمل شروع ٿيندي ئي قاسم آباد جي تڪ کي يرغمال بڻايو ويو

هن چيو ته مون ڊي آر او/ ڊپٽي ڪمشنر طارق قريشي، آر او واحد چنا ۽ اي آر او سان رابطو ڪيو. انهن کي منهنجا پيغام موبائيل فون تي مليا ۽ جواب به موبائيل ذريعي ئي ڏنا پر چيو ته نيٽ ورڪ نه آهي، ان ڪري رابطو نه پيو ٿئي. اسان جي پولنگ ايجنٽن کي پولنگن تان نيڪالي ڏني وئي

 هن چيو ته اسان مختلف پولنگ اسٽيشنن تي سوڀارا ٿي رهيا هئاسين پر اسان جي پولنگ ايجنٽن کي اتان اٿاري ڌانڌلي ذريعي هارايو ويو

اياز لطيف  چيو ته مون پولنگ اسٽيشنن تي ڳڙ ٻڙ جي حوالي سان ايس ايس پي امجد شيخ ۽ ڊي سي سميت لاڳاپيل اختيارين کي آگاهي ڏني پر ڪو به جواب نه مليو ۽ مخالف اميدوار ڄام خان شوري ۽ سندس ساٿين کي ڌانڌلي ڪرڻ جو پورو موقعو فراهم ڪيو ويو

هن چيو ته پ پ جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن دروازا بند ڪري ٺپا هڻندا رهيا. سندن ساٿي خادم سمون زخمي ٿي پيو جڏهن ته بختاور کي يرغمال بڻايو ويو

ٻئي طرف ايم ڪيو ايم چونڊن ۾ ڪراچي فتح جو اعلان ڪري ڇڏيو، ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ڪراچي ۾ ڪاميابي جو رڪارڊ قائم ڪري رهي آهي، ڪراچي جا ماڻهو اسان تي اعتماد ڪن ٿا، ڪراچي جي 18قومي سيٽن تي ايم ڪيو ايم ليڊ ڪري رهي آهي، ڪراچي جون ذميواريون اسان جي ڪلهن تي اينديون، ڪراچي حيدرآباد ۽ ميرپورخاص جي عوام جا ٿورا مڃون ٿا

Leave A Comment